سنڌي ادب

سنڌي ادبي سنگت سنڌي جديد اديبن جي تنظيم آهي،رضا لانگاھ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
SAS Moro(527x309)
سنڌي ادبي سنگت سنڌي جديد اديبن جي تنظيم رهي آهي هن تنظيم ۾ جديد شاعري کي جيڪا اُڏام ڏني وئي آهي اها ساراھ جوڳي هجي ٿي. نوجوان شاعر جيڪو ڪجھ لکن پيا انهي کي اردو شاعري سان ڀيٽي سگهجي ٿو اهرن خيالن جو اظهار نوجاون شاعر رضا لانگاھ سنڌي ادبي سنگت جي شمع ڪمپيوٽر سينٽر تي ٿيل دستوري گڏجاڻي ۾ ڪيو هن وڌيڪ چيو ته ڪو دور هيو جو اسان جا شاعر يا اسان جي شاعري اردو جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي ڪمزور هئي پر هاڻي اها شڪايت سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين دُور ڪري ڇڏي آهي. اڄ جي گڏجاڻي ۾ تغزل، ابهام ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڏاڍي ڄاڻ ڏني وئي جيڪا يقينن ساھ ۾ ساڍڻ جهري هئي ۽ جيڪا اڄ سنڌي ادبي سنگت ۾ جيڪا شاعري پڙهي وئي اها ڏاڍي خوبصورت هئي هدايت ڏيپر، بابر مقدر ميمڻ ۽ خالد ساحل ڪيريو جي غزلن ۾ جيڪا نواڻ نظر آئي ان مان دوستن جي مطالعي ۽ مشاهدي جي پرک چنڊ جي چانڊاڻ جيئان چٽي ۽ صاف محسوس ٿي جڏهن ته کان علاوه هدايت ڏيپر(غزل)، خالد ساحل ڪيريو(غزل)، علام مصطفى عقاب ڇڄڙو(غزل)، بابر مقدر ميمڻ(غزل)، وفا سرمد مستوئي(چئو سٽاءَ) تنقيد جي لاءِ پيش ڪيو جنهن تي مٿين سميت رزاق مستوئي، غلام حيدر چانديو، نويد رضا مستوئي، علي حيدر چانڊيو، اظفر ميمڻ، حسن شاھ صوفاڻي، وحيد رزاق مستوئي، جمشير علي، پرويز علي اصلاحي تنقيدي رايا پيش ڪيا جڏهن ته فنڪار عزيز سابقي ترنم ۾ ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آخر ۾ گڏيل ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته ”سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي واري درجي ڏيارڻ واري بل کي رد ڪرڻ واري عمل خلاف سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. سنڌي ٻولي جي ماهر نامياري اديب عبدالله جيسر جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرڻ جي گهر ڪجي ٿي. نامياري نثري نظم جي خوبصورت شاعر فقير رمضان نول جي 52هين سالگرھ ملهائي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته سندس رهيل ڪتاب ڇپرايا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button