ڌارين جي آبادڪاري لاءِ ڪئمپون لڳايون ويون ته انهن کي پٽي اڇلائي ڇڏينداسين، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران رسول آباد ۾ جسقم جي شهيدن لالافهيم ميمڻ، شهيد ظهير ميمڻ، عبدالقادر هاليپوٽو ۽ ٻين جي ياد ۾ شهيد جو ڏهاڙو رسول آباد هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي منعقد ڪيو ويو.
جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جسقم جي سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. شهيد جي ڏهاڙي واري جلسي کي جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڌارين جي آبادڪاري لاءِ ڪئمپون لڳايون ويون ته انهن کي پٽي اڇلائي ڇڏينداسين ۽ ڌارين جي سنڌ ۾ آمد وارن سڀني رستن تي احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا هڻي روڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ڌاريا رهيا آهن جنهن سان سنڌ ۾ دهشتگردي ، بدامني ۽ داداگيري جي نئين لهر پيدا ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان تحفظ آرڊيننس بل پاس ڪرڻ جو مقصد سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ آزادي واري تحريڪ کي ڪچلڻ آهي. پر ڪيترا به قانون آندا وڃن ڌرتي جي آزادي، خوشحالي لاءِ آخري دم تائين جدوجهد جاري رکي ويندي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ مالي وسيلن سان مالامال هجڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو بک بدحالي بيروزگاري جي ڪري پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. جلسي کي جسقم جي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو قبضو آهي ۽ وڌيڪ ڌاريا سنڌ ۾ آڻي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر سڀني سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي، شهيد سلمان وڌو، شهيد مقصود خان قريشي کي ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جي سزا ۾ شهيد ڪيو ويو پر اسان شهادتن کان نٿا ڊڄون . اسان جي منزل ڌرتي جي آزادي آهي. جلسي کي جسقم جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ساگر حنيف بڙدي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ جسقم جا ڪارڪن جهر جهنگ نڪري پوندا ۽ ڌارين کي گهلي سنڌ نيڪالي ڏني ويندي. هن چيو ته اڄ شهيد لالافهيم ميمڻ ، شهيد ظهير ميمڻ سميت سنڌ جي ٻين شهيد جي ياد ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو آهي. اسان جي به خواهش آهي ته اسان به انهن وانگر شهيد ٿيون. ڇو ته ماڻهو دم، ٽي بي ، بخار ڪاري سائي ۽ روڊ حادثي ۾ به ته ماڻهو مري وڃي ٿو ان کان بهتر آهي ته ماڻهو سنڌ وطن خاطر شهيد ٿي هميشه لاءِ سرخرو ٿي وڃي. جسقم ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ناياب سرڪش خطاب ڪندي چيو ته ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف جدوجهد سان گڏو گڏ سنڌي ماڻهن کي ڌارين جو سماجي بائڪاٽ به ڪرڻو پوندو. ان لاءِ سڀني کي گڏجي ميدان ۾ لهڻو پوندو. جسقم اڳواڻ اياز ڪورائي خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي، شهيد مقصود خان قريشي، شهيد سلمان وڌو سميت سنڌ جي اڻ ڳڻيل شهيدن کي اڄ ياد ڪري اسان جي به دل چوي ٿي ته انهن وانگي شهيد ٿيون. جلسي کي جساف جو مرڪزي اڳواڻ صفدر تنيو، جسقم جي ايوب لاشاري، ضلعي نوشهروفيروز جي صدر محبوب ابڙو، عثمان ميمڻ، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار، خوشبو اياز ڪورائي ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ سنڌ جي سريلي فنڪار ٻيجل سنڌي ۽ ذوالفقار سامٽيو قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.