مختصر خبرون
نوشهروفيروز ۾ پاڻ ساڙيندڙ وزير راڄپر جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج
معشوق علي سومرو ،نوشهروفيروز
نوشهروفيروز ۾ پاڻ ساڙيندڙ وزير راڄپر جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج. تفصيل موجب 2 سال اڳ پاڻ ساريندڙ وزير راڄپر جي وارثن کي انصاف نه مليو. وارثن ۽ شهري اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2 سال گذري وڃڻ بعد اسان کي ڪو به انصاف نه مليو آهي ۽ ڪجهه ڪامورا وزير راڄپر جي نالي تي پگهارون ۽ لون هرپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي ۽ اسان کي وزير وڳڻ جون پگهاڙون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.