مختصر خبرون

مورو: وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي جو اباڻو شهر نوان جتوئي مسئلن جي ور چڙهي ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي جو اباڻو ۽ هڪ لک جي آبادي رکندڙ شهر نوان جتوئي مسئلن جي ور چڙهي ويو، ٻه سال اڳ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جوڙايل ناقص مٽيريل سان ڊرينيج سسٽم هنڌان هنڌان ٽٽي پيو شهر توڙي گلين ۾ گندي پاڻي جا تلاءُ لڳي ويا، جانوري محلا، ملاح محلا، ڪورائي محلا، گبول محلا، کوسا محلا سميت ٻيا ڪيترائي محلا مسئلن جي ور چڙهيل، نه روڊ نه رستو نه ئي وري ڪو ڊرينيج سسٽم بهتر، يونين ڪائونسل ۾ صفائي ڪندڙ ڇھن ملازمن کي گذريل ڇهن مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون، ٽي بدلي ڪرائي مورو ۾ مقرر ٿي ويا باقي ٽي ملازم حويلين تي نوڪري ڏيڻ لڳا، پ پ حڪومت هڪ سال کان مٿي جا فنڊ جاري نه ڪيا جنهن جي ڪري شهر تباهي جو شڪار ٿي ويو آهي، يونين ڪائونسل جا فنڊ به بند ڪيا ويا آهن جنهن جي ڪري مسئلا وڌي ويا آهن جڏهن ته گذريل ڪافي عرصي کان ترقياتي ڪم به نه ٿي سگهيا آهن. شهرين جون شڪايتون؛ تفصيل موجب؛ هڪ لک کان وڌيڪ آبادي رکڻ وارو ۽ وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي جو اباڻو شهر نوان جتوئي ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهي ويو رهندڙ شهري عذاب جي زندگي گذارڻ لڳا آهن ٻه سال اڳ هن شهر ۾ ڪروڙين روپين کان مٿي جي رقم سان جوڙايل ڊرينيج سسٽم ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب هنڌان ٽٽي ويو جنهن سبب شهر توڙي محلن ۾ گندگي ۽ گندي پاڻي جا تلاءُ لڳي ويا آهن ۽ ٽٽل گٽرن جو پاڻي روڊن رستن ۽ ڪالوني جي رهندڙن جي گهرن اڳيان تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي گندو پاڻي بيهڻ ڪري شهرين ۾ مختلف بيمارن مُنهن ڪڍيو آهي ۽ عورتن سميت معصوم ٻارڙا بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن نوان جتوئي شهر جي ڪا به گهٽي ڪالوني خالي نه آهي جتي گندگي جا ڍير ۽ گندي پاڻي جو تلاءُ نه بيٺل نظر ايندا هجن جڏهن ته هن شهر جي يونين ڪائونسل نوان جتوئي ۾ صفائي جي عملي جو تعداد ڇھ هجڻ ڪري شهر جي صفائي مڪمل نه ٿي سگهي ۽ صفائي ڪندڙ عملي جي گذريل ڇهن مهينن کان پگهار پڻ بند پيل آهي جنهن جي ڪري صفائي ڪندڙ عملو ڦاڪاڪشيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي جڏهن ته ڇھن پورهيتن مان ٽي پورهيت مورو شهر ۾ بدلي ڪرائي ويا آهن باقي ٽي صفائي ڪندڙ صاحبن جي حويلين تي ڪم ڪرڻ رڌل آهن ڪجھ ذريعين وٽان معلوم ٿيو آهي ته يونين ڪائونسل ۾ هر مهيني تي لکين روپيا فنڊ اچن ٿا جيڪي سيڪريٽري ۽ بااثر ماڻهن جا ڇاڙتا حصو پتي ڪري هڙپ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجھ ڏينهن کان شهر جي معزز ماڻهن سماجي ورڪرن پاران دوڪاندارن ۽ گهر ڌڻين کان چندو وصول ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت شهر جي صفائي ۽ ڊرينيج سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ چندو ڪيو پيو وڃي ته جيئن شهر ۾ صفائي نو نطام بهتر بڻائي سگهجي جيتوڻيڪ شهري مسئلن جو ذميوار چونڊيل نمائندن کي سمجهن ٿا ان سلسلي ۾ جڏهن مسلم نواز ليگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نور محمد پنهور کان موقف معلوم ڪيو ته ان جو چوڻ هو ته سياسي مخالفت سبب غريب ماڻهن کي سزا ڏني پئي وڃي پ پ حڪومت هڪ سال کان اسان جي ايم پي ايز جا فنڊ روڪي ڇڏيا آهن ۽ يونين ڪائونسل نوان جتوئي جا به فنڊ بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري شهري مسئلن جي ور چڙهيل آهن ۽ اسان جي تڪن ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم هڪ سال جي اندر نه ٿي سگهيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته يونين ڪائونسل نوان جتوئي جا فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن شهر جا مسئلا حل ٿي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button