مورو: مھانگائي چوٽ چڙھيل، مئجسٽريٽ جا ڇاپا، رمضان جو احترام نه ڪندڙن تي ڏنڊ
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ هوٽلن ۽ روز مرھ جي شين جا اگھ چوٽ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف اڄ قائم مقام جوڊيشنل مئجسٽريٽ ۽ سول جج مورو پرديب ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ ۽ ڊي ايس پي مورو محمد ايوب هاليپوٽو پوليس نفري ۽ روينيو عملي سان گڏجي مورو شهر جي قومي شاهراھ جي مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي سندن مٿان ڏنڍ وڌا جڏهن ته مٿين آفيسرن مورو شهر ۾ روز مرھ جي شين وڪرو ڪندڙ فريوٽ سبزي برف ۽ ريزيڪي دوڪانن تي وڃي روز مرھ جي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ وڌيڪ اگھ وٺندڙ ڇهن ڄڻن سکيو خان، اڪبر راجپوت، محمد علي چانديو، نذير راجپوت ۽ ٻين تي 13 هزار ڏنڊ وجهي بروقت وصول ڪيو جوڊيشنل مئجسٽريٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس جي نفري جي اوچتن ڇاپن هڻڻ جي ڪري مورو شهر جي منافع خورن توڙي ماھ رمضان جو احترام نه ڪندڙن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ اهي ڇاپا مورو شهر توڙي آسپاس ۾ لاڳاتار ٻه ٽي ڪلاڪ جاري رهيا ۽ کليل هوٽل تان سامان پڻ پنهنجي تحويل ۾ ورتو ويو. جڏهن ته بعد ۾ مئجسٽريٽ وٽ ماڻهو پهچي کنيل سامان واپس ڪرڻ جي اپيل ڪئي جنهن تي انهن کي اڳتي جي لاءِ هوٽلون بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي سامان واپس ڪيو.