مورو: جتوئي خاندان مسلم ليگ ”ن“ کان مايوس ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا چوٻول
عبدالوحيد مستوئي، مورو
مورو جي جتوئي خاندان مسلم ليگ ”ن“ کان مايوس ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ بابت مورو شهر ۽ آسپاس جي علائقي جي ماڻهن ۾ چوٻول زور شور سان بحث جو موضوع بڻيل آهن. وفاقي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي کانسواءِ جتوئي خاندان جا سمورا فرد پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا. ان حوالي سان اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم پي اي رئيس عاقب خان جتوئي پ پ ايم اين اي ميڊم فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري ڳالهين کي آخري مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. ۽ ڪنهن وقت به جتوئي خاندان پ پ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان ڀروسي جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته اين پ پ جتوئي خاندان جي سياست ۾ مسلم ليگ ن جي هٺڌرمي ڪري سخت مونجهارا ۽ مسئلا پيدا ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ اڳوڻي نگران وزير اعظم مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي جي پٽن ۽ ڀائيٽين حڪمران پارٽي مسلم ليگ “ن” کان رستا الڳ ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته نواز ليگ ۾ رهندي جتوئي خاندان کي ضلعي جي سياست اندر تمام گهڻو ڌڪ رسيو آهي ۽ ملسم ليگ “ن” جي هٺ ڌرمي خلاف هنن بار بار نوازليگ قيادت وزير اعظم نواز شريف سميت شهباز شريف ۽ چوڌري نثار سان ملاقاتون ڪري کين شڪايتون ڪيون پر خاطر خواهه موٽ نه ملي جنهن ڪري جتوئي خاندان مسلسل پارٽي قيادت کان مايوسي جو شڪار رهندو رهيو ۽ انهي سلسلي ۾ ذريعن موجب رئيس عاقب خان جتوئي ۽ پ پ قيادت جو هڪ ٻئي سان رابطن جو سلسلو جاري رهيو. جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته خيرپور ضلعي جي جماڻي خاندان جي ٻن اهم شخصيتن جيڪي جتوئي خاندان جا ويجها عزيز ۽ سابق صدر آصف علي زرداري جا ويجها ساٿي سڏيا وڃن ٿا اهي ۽ پ پ سينيٽر هري رام معرفت اصل ڳالهيون ٿيون آهن. جڏهن ته ٻئي طرف اهي ڳالهيون اڳتي صرف وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي هوڏ جي ڪري پائي تڪميل تائين نه پهچي سگهيون آهن ۽ ڳالهيون وچ تي اٽڪيل آهن. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڀائرن ۽ سئوٽن کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پ پ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا ته سندن مرضي آهي مان سندن فيصلي جي نه حمايت ڪندس نه ئي مخالفت ڪندس انهي سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ايم پي ايس رئيس مسرور خان جتوئي ۽ ايم پي اي رئيس عقاب خان جتوئي ملڪ کان ٻاهر ويل آهن جن جي مٿئين هفتي تائين دبئي ۾ پ پ قيادت اڳوني صدر آصف علي زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر سان تمام جلد ملاقات جي امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ملاقات کانپوءِ ٿي سگهي ٿو ته هلندڙ مهيني جي 24 جولاءِ تائين پ پ ۾ شامل ٿيڻ اعلان ٿي سگهي ٿو