مختصر خبرون

مورو: افغاني پٺاڻن جي اچڻ سان سنڌ ۾ منشيات ۽ هٿيارن جو ڪاروبار وڌندو، سنڌ بچايو ڪاميٽي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
سنڌ بچايو ڪاميٽي مورو جو اجلاس ايس يو پي جي ميزباني ۾ سنڌ هائوس ٽي ٿي گذريو جنهن ۾ جسقم، جسقم آريسر، جست، جسم، سنڌي ادبي سنگت، مورو جمهوري اتحاد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۾ شامل جماعتن تي مشتمل مشاورتي ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ اسلم ڪوريجو، اڪرم چانڊيو، اشرف لغاري، آچر لنڊ، رزاق مستوئي، اسد سولنگي، سيد ڪوڙل شاھ، سيد علي گل شاھ پڻ شامل آهن اڳواڻن گڏيل بيان ۾ چيو ته سنڌ جي اندر ڪافي عرصي کان ڌارين کي آباد ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش سان گڏوگڏ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ آهي تازو افغاني پٺاڻ لکن جي تعداد ۾ ڪراچي طرف اچي رهيا آهن جن جي اچڻ سان سنڌ ۾ منشيات ۽ هٿيارن جو ڪاروبار وڌندو جنهن سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان ٿيندو اهڙي عمل خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران 9 جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين سنڌ جا نيشنل هاءِ ويز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ مورو باءِ پاس تي پڻ 14 جولاءِ تي 24 ڪلاڪن جو ڌرڻو هنيو ويندو جنهن لاءِ شهر توڙي آسپاس جي ڳوٺن ۾ وڃي ڪري ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني ويندي جنهن جي لاءِ سڀني پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن پاران دعوت ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button