مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سنڌي ادبي سنگت ۽ زاهد پيرزادو يادگار ڪاميٽي پاران سنڌ جي نوجوان ليکڪ ، تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻ مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ شاعرن ، اديبن، صحافين ، شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ورسي تقريب کي سگا جي اڳواڻ پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو ، پريس ڪلب جي صدر غلام حسين چانگ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ۽ نالي واري ڪهاڻيڪار مختيار چنو، منظور سومرو، ارشاد ڪانڌڙو، ميان نظر حسين، عزيزالله سولنگي، شمن راڄپر، جاويد جانوري، گلزار سهتو ۽ ٻين پروفيسر زاهد پيرزادو جي زندگي تي تي روشني وجهندي چيو ته پروفيسر زاهد پيرزادو سنڌ جي مظلوم، مسڪين، ماروئڙن جو آواز پنهنجي ڪالمن جي ذريعي اٿاريندو رهيو. هو سچو ۽ کرو انسان هيو هن جون تعليم جي ترقي لاءِ تمام وڏيون خدمتون هيو. جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. زاهد پيرزادو پنهنجي ننڍي عمر ۾ تعليم ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. هنن چيو ته زاهد پيرزادو سائين جي ايم سيد جو سچو پيروقار ۽ سنڌ جو عاشق هيو جنهن تمر جي ٻيلن جي تباهي بابت تحقيق ڪري پهريون ڀيرو عوام کي آگاهه ڪيو. زاهد پيرزادو انسان دوست ۽ هو سماجي ڪمن ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو. هن جون سنڌ وطن لاءِ ڪيل خدمتون هميشه لاءِ ياد رکيون ويندو ۽ زاهد پيرزادو جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو.