شاعري
غزل
هدايت ڏيپر
روح ســــيـلاني ٽِـڪي نه ٿـــو سگــــــهي،
درد اگــنـــي آ لِــــڪـــي نه ٿـــو ســگــــــهي.
روپــلو آ خـــيــال مـــنهــنجـــو دوســتـــــــو،
پيار ڪنهن جي تي بڪي نه ٿو سگهي.
گهاو ڪنهن جي ريـشـمي هـو روح جــا،
چــــنڊ پـــٿر ڪــــو ســـبي نه ٿـــو ســگهي.
آســمـان ۾ جــــي آ ڪــنــن ۾ اڄ ڪـــپھ،
دانــهــن درديـلــي ٻــڌي نه ٿـــو ســگــهــي.
پيار تـنـهنجو آ ڪـــچي گـــهڙي جـــيــان،
عــشــق دريــا مـان ٽــپــي نه ٿـــو ســگهي.
چـــاهــتــن جــا اوهــيــڙا مــٿــيــان وســيــا،
مـــن اڃــارو ته به ڀـِــڄي نه ٿـــو ســگهي.
وقــــت طـــوفـــــان ڏاڍ جــــــا اٿـــــــاريــــــــا.
ســــڪ ســمـنـدر آ سـُـڪي نه ٿو سگهي.