آرٽيڪل

غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت

انجنيئر سعيد ڀنڀرو
Saeed Bhanbhroغزا فلسطين جي اتر ۾ واقع هڪ متنازع علائقو آهي. غزا جو بارڊر هڪ طرف کان مصر سان ملي ٿو ۽ ٻئي طرف کان اسرائيل سان.غزا تي فلسطين جي هڪ ويڙهاڪ گروپ حماس جي حڪومت آهي. ۽ 2012ع ۾ گڏيل قومن غزا کي فلسطين جو حصو قرار ڏنو. غزا ۾ مسلمانن جي آبادي ۾ سني فرقي جي ماڻهن جي اڪثريت آهي. 1967ع ۾ اسرائيل فلسطين تي حملو ڪري غزا تي قبضو ڪيو هيو ، بعد ۾ 1994ع ۾ هڪ ٺاھ تحت اسرائيل پهنجي فوجن کي غزا مان ڪڍي ڪنٽرول فلسطين حوالي ڪري ڇڏيو. 2000ع ۾ حماس ۽ ٻين فلسطيني جهادي تنظيمن پاران اسرائيل تي حملا شروع ڪيا ويا جنهن بع اسرائيلي پارليامينٽ 2005 ۾ غزا مان اسرائيلين کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ 2005 جي سيپٽمبر تائين اسرائيلي غزا مان نڪري ويا ۽ ان ئي مهيني ۾ اسرائيل غزا ۾ فوجي آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 2007ع ۾ فلسطيني گروپن حماس ۽ فتح وچ ۾ ويڙھ شروع ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. بک ۽ بدحالي سبب هزرين ماڻهن مصر ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. 2007 ۾ اسرائيل تي حماس پاران حملن جو سلسلو شروع ٿيو جنهن بعد اسرائيل غزا ۾ جنگي جهازن سان فوجي پريشن شروع ڪري ڏنو. اسرائيل جي هي حملا 22 ڏينهن جاري رهيا، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 150 فلسطيني شهيد ٿي ويا. انهن حملن سبب ڪيترائي اسڪول، اسپتالون ۽ انفرااسٽرڪچرمڪمل تباھ ٿي ويو، هزارين فلسطينين لڏپلاڻ ڪئي، 22 ڏينهن جي جنگي جارحيت بعد اسرائيل جنگ بندي جو اعلان ڪيو.
تازو هاڻي ٻيهر اسرائيل غزا تي راڪيٽن ۽ جنگي جهازن سان حملا شروع ڪري ڏنا آهن، گزريل هفتي کان جاري حملن ۾ 120 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيل پهنجي جنگي جارحيت روڪڻ کان کتو جواب ڏيندي زميني آپريشن ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. غزا تي حملن بعد سڄي دنيا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف پرامن احتجاج جاري آهي. هن حساس معاملي جو گڏيل قومن پڻ نوٽيس ورتو آهي، پر اهو فقط ميڊيا جي بيان تائين ئي محدود آهي.
هن تازي اسرائيلي جارحيت بابت چيو پيو وڃي ته اها چئن اسرائيلي شاگردن جي قتل بعد شروع ٿي. هن معاملي تي گڏيل قومن سميت دنيا جا مسلم ملڪ پڻ خاموش آهن، هالانڪه هي هڪ تمام حساس معاملو آهي ڇو ته بي ڏوھ ماڻهن کي ڪٺو پيو وڃي. صورتحال تڏهن وڌيڪ ڪشيده ٿي وڃي ٿي جڏهن حماس جوابي ڪاروائي جو اعلان ڪيو، اسرائيل جي ڀرسان وارن شهرن تي راڪيٽن ذريعي بمباري ڪئي وئي، هوڏانهن وري عراق ۾ وجود رکندڙ انتهاپسند تنظيم داعش به اسرائيل کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته آمريڪا ، برطانيه سميت دنيا جي مهذب ملڪن ۽ گڏيل قومن کي اڳتي اچي سنججيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن وڌيڪ انساني جانين جو ضيان نه ٿئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button