خيرپور

سنڌ ڌرتي شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي، قائم علي شاھ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

سنڌ ڌرتي شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي، قائم علي شاھ
سنڌ ڌرتي شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي، قائم علي شاھ

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڌرتي عظيم صوفي بزرگن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي جيڪو اسانجي لاءِ مشعلِ راهه آهي جڏهن ته سنڌ ڌرتي صوفي بزرگن سان گڏو گڏ عظيم سياسي ليڊر پڻ پيدا ڪيا جن جي سياسي بصيرت جي ڪري عوام جي معاشي بهتري ۽ سماجي ڀلائي لاءِ خدمت ڪري رهيا آهيون. هن اهڙو اظهار درازا شريف ۾ حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عرُس جي افتتاح بعد محفلِ سماع هال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حضرت سچل سرمست رح جا مُريد سڄي دنيا ۾ آهن ۽ خاص طور تي هندستان ۾ تمام گهڻا آهن جيڪي هر سال حضرت سچل سرمست رح جي عقيدت جي ڪري ايندا آهن جڏهن ته ماضي ۾ انهن جي اچڻ جو انگ تمام گهڻو هوندو هو ۽ هاڻي ويزا جي مشڪلاتن سبب انهن جو انگ گهٽجي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪيترا سال پهريان سچل اڪيڊمي بنياد وجهي حضرت سچل سرمست رح جو ساليانو عرس ملهايو ويندو هو جنهن ۾ رحيم بخش، ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل، هادي بخش لاڙڪ ۽ ٻيا اديب شاعر شامل هوندا هئا ان وقت سچل مشاعرو، ملاکڙو توڙي اديبن پاران مقالا پيش ڪيا ويندا هئا ۽ شاعرن کي حضرت سچل سرمست رح جي حوالي سان شعر پڙهڻ جي لاءِ پابند ڪيو ويندو هو. ان کان بعد ۾ سچل اڪيڊمي کي تبديل ڪري سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن پاران هر سال سچل سرمست جي عرس جي مختلف تقريبن جو بهتر نموني اهتمام ڪيو پيو وڃي. وزير اعلى چيو ته سنڌ جي ڏاهپ ۽ سياست ڪنهن کان ڳجهي ناهي سنڌ جي ڏاهن ۽ سياستدانن دنيا ۾ نالو ڪمايو ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جو اعلى مثال آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف عبدالحسيب خطاب ڪندي ڪيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي سندن امن جي پيغام کي پوري دنيا ۾ مختلف ذريعن ذريعي عام ڪيو پيو وڃي هن چيو ته 35 لک روپين جي لاڳت سان سچل سرمست تي قائم اوقاف کاتي جي ريسٽ هائوس جي بحالي وارو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي جڏهن اوقاف کاتي پاران صوبي جي 85 مختلف مزارن ۽ درگاهن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي درگاهه حضرت سچل سرمست رح جي گادي نشين جي فرزند پير عبدالحق فاروقي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران درگاهه سچل سرمست رح جي لاءِ تمام بهتر اسڪيمون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته درگاهه جي ماسٽر پلان جي 100 ملين روپين جي اسڪيم جي لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي گذارش ڪئي. ان موقعي تي چئيرمين سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور چيو ته منور علي مٺاڻي درگاهه سچل سرمست جي لاءِ سنڌ حڪومت پاران 100 ملين جي اسڪيم جي سنگ بنياد سنڌ جي وڏي وزير پاران رکي پئي وڃي جڏهن ماضي ۾ پڻ سنڌ حڪومت پاران سچل سرمست جي درگاهه جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون آهن جن ۾ سچل سرمست ريسٽ هائوس، سچل ڪامپليڪس، محفل سماع هال توڙي ڊيول ڪئريج روڊ ۽ ملاکڙو اسٽيڊيم جو ترقياتي ڪم پڻ ڪرايو پيو وڃي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حضرت سچل سرمست رح جي مزار تي چادر چاڙهي 193 هين سالياني عُرس جي مختلف تقريبن جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف عبدالحسيب، ايم پي اي نعيم احمد کرل، ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀُٽو، پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، درگاهه جي گادي نشين جي فرزند پير عبدالحق فاروقي، سيڪريٽري اوقاف محمد رمضان اعواڻ، سيڪريٽري ثقافت اعجاز احمد ميمڻ، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي سکر جاويد عالم اوڍو، چيئرمين سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ڊي سي خيرپور منور علي مٺاڻي ۽ ٻيا آفيسر ۽ پارٽي ورڪر ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي درگاهه سچل سرمست رح جي گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي جي صحتيابي ۽ وڏي ڄمار جي لاءِ اجتماعي دُعا گهري وئي. محفلِ سماع هال ۾ افتتاحي تقريب کان بعد ۾ وڏي وزير حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران مختلف صنفن تي مختلف اديب، شاعر، سگهڙ ، ملهه پهلوان، گلوڪار، صوفي راڳي، ڪارڪن ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ٻيا سچل ايوارڊ ڏنا ويا. ان سلسلي ۾ بهترين مقالا نگار ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي باني ميمبر جو ايوارڊ مولا بخش لاڙڪ، بهترين شاعر مظهر ابڙو، لائيف ٽائيم اچيومينٽ سچل ايوارڊ سچل سرمست رح جو رسالو مرتب ڪندڙ عثمان علي انصار ۽ سچل سرمست رح جي پيغام تي تحقيق ڪندڙ آغا صوفي کي سچل ايوارڊ ڏنا ويا. جڏهن ته حضرت سچل سرمست رح تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر مهر خادم، بهترين اداري جو سچل ايوارڊ سنڌي ادبي بورڊ، بهترين ملهه پهلوان جو ايوارڊ منٺار علي بُگٽي، بهترين گلو ڪار ذوالفقار علي ۽ مظهر علي، ثمينه ڪنول کي پڻ سچل ايوارڊ ڏنا ويا. بهترين ڪارڪن جو سچل ايوارڊ ڊائريڪٽر ڪلچر خيرپور خالق ڏنو نوناري، بهترين سُگھڙ ايوارڊ لقمان کوکر، بحر الدين بحر شنڀاڻي، ڏاڏو ڏتل ابڙو، صوفي راڳي شهمير فقير ڀٽي ۽ سيد بخشل شاهه جڏهن ته سازنده نواز جو ايوارڊ قلندر بخش ميراثي کي ڏنو ويو. ان موقعي تي چيئرمين سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺاڻي پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين مهمانن کي سچل سرمست يادگار شيلڊون پيش ڪيون جڏهن ته وڏي وزير پاران ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀُٽو، ايم پي اي نعيم احمد کرل، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عبا س بلوچ، ڊي آءِ جي سکر جاويد عالم اوڍو ، ايس ايس پي خيرپور عثمان غني صديقي ۽ ٻين آفيسرن کي سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جون شيلڊو ڏنيو ويون. ان موقعي تي وڏي وزير پاران سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران شايع ڪرايل سچل سوويئنر ۽ تحقيق رسالوسرمست 35 جي مهورت ڪئي جڏهن ته حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي پاران خاص طور شايع ٿيل “ صوفي سرمست ” مئگزين پڻ پيش ڪيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ مختلف شخصيتن ۾ ڪاپيون پڻ ورهايون ويون. سچل ايوارڊ تقريب کان بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي 100 ملين روپين جي لاڳت سان درگاهه سچل سرمست رح جي ترقياتي اسڪيمن جي ماسٽر پلان جو سنگ بنياد وڌو. بعد ۾ وڏي وزير ٽنڊو نظر علي لڳ خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ وڏي وزير کي خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون جي سلسلي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته زون جي لاءِ الڳ سان بجلي گهر تعمير ڪيو پيو وڃي جڏهن ته بجلي گهر مان ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ صوبائي توانائي کاتي سان ڳالهايو ويو آهي . ان موقعي وڏي وزير کيس ڪراچي ۾ اڪنامڪ زون جي سلسلي ۾ بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي افتتاح کان اڳ ۾ خيرپور ۾ 2 ڪروڙ 50 لک روپين جي لاڳت سان اسڪائوٽ گرائونڊ خيرپور جي ڪمپائونڊ وال ۽ اسٽيڊيم جي بحالي واري ڪم جو افتتاح ڪيو بعد ۾ هاءِ پاور ٽرانسميشن ريڊيو پاڪستان ويجهو 11 ڪروڙ 83 لک روپين جي لاڳت سان ريڊيو پاڪستان باءِ پاس روڊ جو پڻ افتتاح ڪيو. جڏهن ته گذريل رات وڏي وزير دلشاد سومرو سان سندس والده جي وفات تي، نئين ڳوٺ ۾ نواب اصغر عباس زيدي جي وفات تي سندس پُٽ نيئرخورشيد زيدي سان ۽ غلام سرور ڦلپوٽو جي وفات تي سندس پُٽ غلام حسين ڦلپوٽو سان تعزيت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button