سنڌ دشمن فيصلا قبول نه ڪنداسين۽ آخري ساهه تائين مزاحمت ڪنداسين، سنڌ بچايو ڪاميٽي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سنڌ جي عاشقن نٽهڻ اس ۽ سخت گرمي باوجود سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پنجاب ويندڙ رستا بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هڻي حڪمرانن کي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري بند ڪئي ڃي ،سنڌ جا وارث ڪي به سنڌ دشمن فيصلا قبول نه ڪندا۽ سسيءَ جي آخري ساهه تائين مزاحمت ڪنداسين خبرموجب حڪمرانن پاران وزيرستان آپريشن دوران لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ پٺاڻن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ڪالهه صبح سان ئي مختلف شهرن مان ڪارڪنن جا قافلا ٻٻرلوءِ پهتا، جتي ايس يو پي، جسقم، جيئي سنڌ محاذ، جسقم آريسر گروپ، جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي سميت ٻين تنظيمن جي هزارين ڪارڪنن سيد جلال محمود شاه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، خان محمد ڀيو، عبدالفتاح چنه، امجد مهيسر، ڊاڪٽر دودو مهيري، سهيل ابڙو، علي نواز ٻٽ، قمر ڀٽي، حڪيم زنگيجو، امير آزاد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ٻٻرلوءِ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواه طرف ايندڙ ويندڙ هزارين گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي واري هنڌ ڪارڪنن طرفان ٽينٽ لڳائي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، سخت گرمي ۽ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني باوجود ڪارڪنن مطالبن جي مڃتا لاءِ مسلسل ڌرڻو جاري رکيو، ان ڏس ۾ سيد جلال محمود شاه خطاب ڪندي چيو ته هميشه سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان نا انصافيون ٿينديون رهيون آهن، هتان جي ماڻهن هر سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ احتجاجي تحريڪون هلايون، پنهنجي جدوجهد ذريعي حڪمرانن کي پيغام ڏنو ته هو هڪ طرفي طريقيڪار تي عمل ڪرڻ بدران لکين ماڻهن جي مستقبل کي داءُ تي نه آڻين پر سندن طرفان هميشه ڏاڍ ڪرڻ وارو سلسلو جاري رکيو ويو آهي، هن چيو ته وزيرستان آپريشن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي ۽ انهن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، هينئر سنڌ اڳواٽ ئي بدامني جي ور چڙهيل آهي، امن امان جي خراب صورتحال ۽ دهشتگردي جي واقعن سبب هتان جا ماڻهو پاڻ کي عدم تحفظ جو شڪار سمجهن ٿا، اهڙي وقت ۾ وفاقي حڪومت کي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ئي لڏپلاڻ ڪندڙ متاثرن کي رهائش جو انتظام ڪرڻ گهرجي ها، هو ڪيتريون به ڪوششون ڪن پر تنهن هوندي به سنڌين کي اقليت ۾ تبديل نه ڪري سگهندا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ جي لکين ماڻهن سازشن خلاف جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، مٿي تي ڪفن ٻڌي پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ ۾ شريڪ عوام جو هڪ ئي مطالبو آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافيون فوري طور بند ڪيون وڃن، سنڌ ڌرتي ڌارين جو ٺيڪو ناهي کنيو، جڏهن به جنهن سان مسئلو ٿئي ان جي لاءِ سنڌ ڌرتي کي استعمال ڪيو وڃي. عبدالفتاح، خان محمد ڀيو، امجد مهيسر، ڊاڪٽر دودو مهيري، سهيل ابڙو، علي نواز ٻٽ، قمر ڀٽي، حڪيم زنگيجو، امير آزاد پنهور ۽ ٻين چيو ته ماضيءَ ۾ سوات ۾ ٿيل آپريشن دوران اتان جي متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو ويو جنهن سبب حالتون خراب ٿي ويون ۽ ان وقت به سنڌ جي ماڻهن جي مو قف کي نظر انداز ڪيو ويو، هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر وزيرستان آپريشن ۾ متاثر ٿيندڙ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ تيز ي سان ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ان عمل سان سنڌ ڌرتي جو امن متاثر ٿيندو، دهشتگرد سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. سنڌ جي ماڻهن کي امن کپي، هاڻي سازشون بند ٿيڻ گهرجن.