رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي خلاف انوکو احتجاج
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به مهانگائي وڌائڻ واري عمل خلاف آل پارٽيز ڪائونسل جي سڏ تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قريشي روڊ تي سبزين جا ريڙها هڻي ڀاڄيون هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي عبيدالله ڀٽو، عمران علي شاه، شمن جاگيراڻي، ڪاري حزب الله، سراج سومرو، حبيب الله انصاري، علي نواز، دلشير ۽ ٻين ٻڌايو ته رمضان جي آمد کان اڳ انتظاميا اجلاس ڪوٺائي ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون پر هينئر دڪاندارن گوشت، مڇي، ٽماٽر، بصر، پٽاٽا، ڀينڊيون، توريون، انب، صوف، ڪيلا ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاجي مطاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته واپاري ۽ دڪاندار بلا و جهه عوام کي آزارڻ لاءِ اگهه پنهنجي مرضي سان چاڙهي ڇڏيا آهن، ڪميشن خوري سبب غريب عوام پريشاني جو شڪار آهي، ڀلاري مهيني ۾ به گيهه 145 روپين مان وڌائي 180 روپئي، پٽاٽا 60 کان 65، انب 80 روپئي کان 150، ڀينڊي 60 کان 80 ۽ ٻين شين جا اگهه في ڪلو جي حساب سان مهانگا ڪري وڪرو ڪيا پيا وڃن، مارڪيٽ ڪميٽي سميت مانيٽرنگ ڪندڙ ڪميٽين جو ڪو به وجود نظر نٿو اچي، نوٽيس وٺي سکر جي شهرين کي سحري ۽ افطاري جي خريداري ڪرڻ واري قوت کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي.