رسول آباد واقعو: لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث وحشي درندا قانون جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث وحشي درندا قانون جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي، رسول آباد شهر ۾ پنجين ڏهاڙي مڪمل شٽربند هڙتال ڪاروبار بند رهيو. مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جو هنڱورجا قومي شاهراه تي ڌرڻو، هڪ ڪلاڪ ٽريفڪ بند ، خيرپور ۾ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ مختلف سماجي تنظيمن ، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي سوين ماڻهن جو پريس ڪلب تائين ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي پيادل مارچ نٽهڻ اس ۾ پراڻي هاءِ وي تي ڌرڻو، اي ايس پي مظاهرين وٽ پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. اڄ سنڌ ميمڻ اتحاد پاران رسول آباد قومي شاهراه تي ڌرڻي جو اعلان ، سنڌ جي مختلف علائقن مان ميمڻ برادري جا قافلا رسول آباد پهچي ويا. متاثر عورتن جي اڃان تائين داد رسي نه ٿي سگهي. عورتن پاران ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ ساڙڻ وارو وچن ٻيهر ورجائي ڇڏيو. انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هيومن رائٽس ڪميشن ، عورتن فائونڊيشن پاران متاثرين سان رابطو ڪري تفصيل معلوم ڪري ورتا. فنڪشنل ليگ ايم اين اي ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين پاران واقعي جي مذمت وارثن سان رابطو ڪري سندن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي يقين دحاني ڪرائي ڇڏي.
تفصيلي رپورٽ موجب رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل عرف بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي ۽ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ وحشي جوابدار قانون کان ڏاڍا ٿي ويا. پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي. اهڙي درندگي ۽ وحشياڻي عمل جي خلاف رسول آباد شهر جو ڪاروبار پنجين ڏهاڙي به کلي نه سگهيو. شهر جو سمورو ڪاروبار مڪمل طور تي بند ڪيو ويو. جڏهن ته رسول آباد جا سوين شهري ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن هنڱورجا پهچي پريس ڪلب جي سامهون قومي شاهراه تي عبدالقادر ميمڻ، جسقم اڳواڻ علي عثمان ميمڻ ، اڪبر راڄپر، عاشق منگي، جسم اڳواڻ ارشاد چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻنهي پاسن کان هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ بند ٿي وئي. مظاهرين پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. بعد ۾ سڀئي مظاهرين سوزوڪين ، ويگنن ۾ سوار ٿي خيرپور پريس ڪلب پهتا جتي جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ، ايوب لاشاري، اياز ڪورائي، سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز جي خادم ميراڻي، زينت شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس خيرپور تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪري ايس پي آفيس جي گيٽ جي سامهون پراڻي قومي شاهراه تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رسول آباد سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس ڄاڻي واڻي گرفتار نٿي ڪري جنهن جي ڪري جوابدار متاثرين کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن افسوس جي ڳالهه آهي جو 4 عورتن سان رسول آباد ۾ 7 جوابدارن اجتماعي ڏاڍائي ڪري انسانيت جو ڪند شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي صدين جي تاريخ کي داڳ دار بڻائي ڇڏيو آهي اهڙن وحشي درندن کي پوليس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ پوليس پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ متاثرين جي مرضي کان بغير ايس ايڇ او هنڱورجا پنهنجي مرضي جي ايف آءِ آر داخل ڪري سڄي معاملي کي ختم ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي آهي ان ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري ان مٿان به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. هڪ ڪلاڪ جي ڌرڻي کان پوءِ اي ايس پي خيرپور عبدالرشيد کوکر ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين کي يقين ڏياريو ته لڄالٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثرين سان انصاف ٿيندو اهڙي يقين دهاني تي لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ بابو ميمڻ جي درخواست تي سڀاڻي (اڄ) ايس ايس پي خيرپور ، اڳوڻو ايس ايڇ او هنڱورجا مير امداد ٽالپر ، ايس آءِ او هنڱورجا سيف الرحمان سهتو کي طلب ڪري ورتو آهي. بابو ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس جا اعلي عملدار مسلسل انصاف ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا ڏٽا ڏيندا رهيا آهن پر جوابدار اڃان تائين آزاد آهن. پوليس مان انصاف جي اميد نٿي اچي . پوليس اهلڪار جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ غيرسنجيده آهن. هن وقت به مون کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. جيڪڏهن منهنجي زندگي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار به ساڳيا ئي جوابدار ۽ پوليس هوندي.
رسول آباد سانحي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي خلاف سنڌ ميمڻ اتحاد جي پاران سڀاڻي رسول آباد قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو. ڌرڻي جي اڳواڻي ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد سنڌ جو چيئرمين حاجي عبدالرزاق ميمڻ، احمد ميمڻ، قمر الدين ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ ڪندا. ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن کان ميمڻ جماعت جا ڪيترائي وفد رسول آباد پهچي ويا آهن. جڏهن ته جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي خيرپور جي ايوب لاشاري، علي عثمان ميمڻ، ڪرم سامٽيو ۽ جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي خيرپور جي اڳواڻ ضمير ڀٽي، ارشاد چنو، سجاد حسين سولنگي، ميمڻ جماعت جي اڄوڪي ڌرڻي جي مڪمل حمايت ڪندي پنهنجي سمورن ڪارڪنن سميت شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن ميمڻ جماعت جي ڌرڻي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پروفيسر محمد اسلم ميمڻ ، عزيز ميمڻ، الطاف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا، رسول آباد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا دورا ڪري ڌرڻي ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.
رسول آباد سانحي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف جمع جي ڏينهن هنڱورجا ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي ۽ واپاري تنظيمن پاران مڪمل طور تي هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شهري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن شهر جو سمورو ڪاروبار بند ڪري سمورا شهري پنجهٽي چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب سامهون قومي شاهراه تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو.
درگاهه ڀٽ شاه جي گادي سجاده نشين سيد نثار احمد شاه رسول آباد ۾ بابو ميمڻ جي گهر لڳل ڌاڙي 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوفين درويشن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي پر رسول آباد واقعي ۾ ملوث جوابدارن سنڌ جي 4 نياڻين سان اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائي سنڌ جي صدين واري تاريخ کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي اهڙن وحشي درندا صفت انسانن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
گذريل ڏينهن هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان، عورت فائونڊيشن سميت ٻين ڪيترن ئي اين جي اوز جي نمائندن هوٽل مالڪ بابو ميمڻ ۽ لڄالٽ جو شڪار ٿيل عورتن کان تفصيل معلوم ڪيا آهن. انهن تنظيمن جو چوڻ آهي ته واقعي جي خلاف ڀرپور نموني عالمي سطح تي آواز اٿاريو ويندو.
فنڪشنل ليگ ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري رسول آباد ۾ پورهيت بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان وحشياڻي ڪاروائي لڄالٽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو واقعو انسانيت جا سڀئي ليکا لتاڙيندي وحشياڻو عمل ڪيو ويو آهي. اهڙن جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي جي ضرورت آهي. هنڱورجا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر سان ڳالهايو ويندو. هن چيو ته 45 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان خبر ناهي ڇو لنوائي رهي آهي. پاڪستان امن ڪميشن جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ چيو آهي ته رسول آباد سانحي سان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي. اهڙن درندن ظالمن ۽ وحشي انسانن جي گرفتاري لاءِ سڄي ملڪ جي اندر احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊي آءِ جي سکر جاويد عالم اڍو سان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳالهايو آهي جنهن يقين ڏياريو آهي ته جوابدار گرفتار ٿيندا. هن چيو ته سڀاڻي ( اڄ ) سنڌ ميمڻ اتحاد جي ڌرڻي ۾ پاڪستان امن ڪميشن جا سوين ڪارڪنن شرڪت ڪندا. ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي چيو آهي ته رسول آباد سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس ڄاڻي واڻي بچائي رهي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ميڊيا کي ٻڌايو ته رسول آباد ۾ جيڪو 4 عورتن سان ناحق ڪيو ويو آهي ان سانحي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. انهي ڪاروائي ۾ ملوث ماڻهو وحشي درندا صفت انسان آهن جن جي عمل سان انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪيل آهي.