خيرپور جي شهرين مٿان پوليس جا حملا، شهري عدالت پهچي ويا
خيرپور (انّا) خيرپور جي شهرين مٿان پوليس جا حملا، ڦرلٽ جا واقعا، شهري عدالت پهچي ويا، ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواستون داخل، محمد علي جتوئي طرفان پنهنجي والد کي ڀي جوابدار ڄاڻائيو ويو. تفصيل مطابق خيرپور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحميد قريشي جي عدالت ۾ تعلقه سوڀوديرو جي ڳوٺ ڀوڀٽ پور جي رهواسي محمد علي ولد علي ڏنو جتوئي طرفان پنهنجي والد علي ڏنو جتوئي، بقاپور ٿاڻي جي اي ايس آءِ الطاف حسين ملاح، ذوالفقار علي جتوئي، امير بخش جتوئي، حضور بخش جتوئي ۽ ارشاد جتوئي سميت چوڏهن خلاف گهر ۾ گهري ڦرلٽ ڪرڻ جي الزمن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي تعلقه نارا جي چونڊڪو جي رهواسي حامد علي ولد محمد عارب ناريجو جي طرفان پڻ ساڳي عدالت ۾ اڳڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير امداد حسين ٽالپور سميت ڇهن خلاف ڦر لٽ ڪرڻ جي الزامن هيٺ درخواست داخل ڪرائي آهي. جڏهن ته تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ گلڻ خان پنهيار جي رهواسي شوڪت علي ولد شهمير پنهيار پڻ ساڳي عدالت ۾ اي ايس آءِ محمد موسيٰ لاشاري، اي ايس آءِ انور علي راڄپر، هيڊ ڪانسٽيبل مير شهباز، هيڊ ڪانسٽيبل نصرالله شيخ ۽ احمدپور ٿاڻي جي وڏي منشي غلام حيدر ٿيٻو خلاف پڻ ڦرلٽ ڪرڻ جي الزامن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت ٽنهي ڳوٺاڻن جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي مذڪوره ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.