آرٽيڪل

اديب وفا صالح راڄپر جي سار لڌي وڃي!!!!

ارمان سومرو باڊهه
Moen jo daro (640x277)
موهن جي دڙي جي ڪُک مان جنم وٺ وٺندڙ سنڌ جي اديب، شاعر، نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪار وفا صالح راڄپر جيڪو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بيماري جي بستري تي پيل آهي پر وفا صالح راڄپر جي سار نه پئي لڌي وڃي، وفا صالح راڄپر هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ۽ اديب آهي پر افسوس جو ثقافت کاتي پاران وفا جي سار نه لڌي وئي آهي، وفا هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، هو انتهائي غريب، مسڪين آهي، وفا کي پنهنجي قلم سان وڏو چاهه آهي پر هو غريب هجڻ جي ڪري اڳتي ڪو نه وڌي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري هو ڪو ڪتاب ڇپرائي سگهيو آهي، اديب، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سنڌ جي سونهن هوندا آهن، وفا به سنڌ جي سونهن آهي، وفا پنهنجي فن سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود به هو بيماري جي حالت ۾ پنهنجي فن سان وڏو چاهه رکي ٿو، هو بيماري جي حالت ۾ ڪهاڻيون، شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هن طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري هو پنهنجا لڙڪ وهائي ويهي رهي ٿو، هو ائين چئي رهيو آهي ته ڪاش منهنجي طبعيت صحيح هجي ته مان پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪجهه لکي پنهنجي قلم ذريعي سنڌي ماڻهن کي اجاگر ڪري سگهان، پر اهو بيماري سبب پنهنجي گهر ۽ بستري تائين محدود ٿي ويو آهي، ثقافت کاتي جي بي ڌياني سبب سنڌ جا ڪيترائي ڪهاڻيڪار، اديب، شاعر، فنڪار، اداڪار پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن، سنڌي شاعرن، اديبن، فنڪارن، اداڪارن، سگهڙن سان ماتيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پنجاب جا شاعر، اديب، فنڪار، ادڪارن جي پر گهور ڪئي پئي وڃي پر سنڌ ۾ انهن کي سدائين نظرانداز ڪيو پيو وڃي، وفا صالح پنهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ مزدوري پڻ ڪري پنهنجو گهر جو گذر سفر ڪندو آهي پر بيماري سبب هن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، وفا کي ثقافت کاتي وارن وساري ڇڏيو آهي، ثقافت کاتي پاران شاعرن، اديبن، فنڪارن، اداڪارن، ڪهاڻيڪارن جي سار نه لهڻ ڪري سنڌ جا ساڃاهه وندن ۾ ڳڻتي ڇائنجي وئي آهي، وفا صالح پنهنجي زندگي جا ڏينهن ائين گذاريا آهن جيئن ڪو کلڻو پکي پنهنجي چونب سان کلي کلي کيرو ٿي ويندو آهي، هو مزاحيه ماڻهو آهي هن جي ڳالهائڻ سان جيڪو ماڻهو پريشان هوندو آهي اهو به پنهنجي پريشاني کي ختم ڪري وفا جون ڳالهيون ٻڌندو آهي، سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻي جو سيڪريٽري ۽ نئين ٽهيءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار اديب، شاعر وفا صالح راڄپر دل جي مرض، دماغي جي ڪمزوري ۽ معدي جي تڪليف ۾ ورتل، ثقافت کاتي وفا صالح راڄپر جي ڪا به سار نه لڌي،وفا صالح راڄپرر هڪ پورهيت ليکڪ آهي مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي، پر بيماري سبب مون کان مزدوري نه ٿي سگهي هن پنهنجي علاج لاءِ ثقافت کاتي کي درخواست لکي هئي پر ان جو ڪو به تڌاري نه ٿيو آهي، ثقافت کاتو بيمار اديبن جي سار لهڻ بدران پنهجن ماڻهن کي نوازي رهيا آهن ثقافت کاتي جي لاپرواهي ۽ مالي مدد نه ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي اديب موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، وفا صالح يارن جو يار آهي، هو پنهجا درد لڪائي پنهنجن دوستن، يارن کي کلائيندو رهندو آهي، پر هن ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجا دردر سور نه ٻڌايا آهن، وفا صالح راڄپر جي ڏينهنون ڏينهن طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي، هن جي حالت انتهائي نازڪ آهي، ليکڪ، شاعر جي سار لڌي وڃي ۽ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي، ته جيئن مان پنهنجي زندگي جا ڪجهه ڏينهن پنهنجي گهر وارن ۽ دوستن سان گذاري سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button