ادب جديد زندگي جو ترجمان آهي، ادب جديد زندگي جي نه صرف عڪسبندي ٿو، خليق ٻگهيو
عبدالوحيد مستوئي، مورو
ادب جديد زندگي جو ترجمان آهي، ادب جديد زندگي جي نه صرف عڪسبندي ٿو ڪري پر جديديت جي نقصانن کان پڻ آگاھ ڪري ٿو، ادب نه اتهاس جو آئينو آهي پر ادب آئيندي جو پڻ اڳواڻ آهي، سنڌي شاعري جدت جي گهڻ پاسائتي شاعري آهي پر جدت کانسواءِ سنڌي شاعري ۾ جيڪي مشرقي قدر آهن اهڙن خياقلن جو اظهار نوجوان دانشور اديب ليکڪ خليق ٻگهيو سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي ٿيل شمع ڪمپيوٽر سينٽر تي دستوري گڏجاڻي ۾ ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سي ڪلاس قدر آهن جن ڪلاسيڪي قدرن کي ڪلچر کان الڳ نٿو ڪري سگهجي ۽ انقلاب کانپوءِ به سماج جي ڪلاسيڪي قدرن کي نظر انداز ڪڏهن به نه ڪري سگهبو ۽ جديت سنڌي شاعري ۾ به جديديت تي بيهي نه رهڻ گهرجي، پر اساسي ثقافتي يا ڪلچر قدرن کي به کڻي هلجي ۽ تصوف کي به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته تصوف جي اڄ به سنڌ ۾ سخت ضرورت آهي. جڏهن ته هن گڏجاڻي ۾ بابر مقدر ميمڻ ۽ رضا لانگاھ جا غزل تمام خوبصورت هئا جن غزل جي ڪري ڪافي تعميري فڪري بخت پڻ رهيا بابر مقدر ميمڻ جي عزل ۾ جدت هئي ۽ رضا لانگاھ جي غزل ۾ تصوف جو جديد رنگ آهي ان سان گڏ سيڪريٽري رزاق مستوئي کي جس هجي جيڪو شاخ جي ٻين ساٿين سان گڏ منزل ڏانهن ڪاهيندا پيا اچن. جڏهن ته رضا لانگاھ (غزل)، بابر مقدر ميمڻ (غزل) تنقيد جي لاءِ ڪيا جن تي رزاق مستوئي، محمد يوسف شيخ، ارباب علي سيال، نويد رزاق مستوئي، اظهار رضا لانگاھ، علي سيال، وحيد رزاق مستوئي، اياز هوشو، مظفر گلاباڻي، دوست علي سومرو،ظهور کوکر ۽ ٻين اصلاحي رايا پيش ڪيا جڏهن ته آخر ۾ گڏيل راءِ مطابق قرداد پيش ڪندي گهر ڪئي وئي ته ميان نور محمد جي تاريخي قبن کي بچائڻ لاءِ ثقافت کاتو اپاءُ وٺي ۽ 64 ايڪڙ زمين تي ٿيل قبضا هٽرائي قبن کي چوديواري ڏياري وڃي.