مختصر خبرون

ھنڱورجا: ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف هنڱورجا ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، فقير همت سولنگي، بهلول علي ، مريد حسين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سان دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو. ڇو ته وزيرستان ۾ هلندڙ آپريشن سان اتان جا طالبان دهشتگرد سنڌ جو رخ ڪري رهيا آهن هنن چيو ته ڌارين جي آبادڪاري خلاف ايس ٽي پي ڀرپور نموني آواز اٿاري رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button