ھنڱورجا

ھنڱورجا: چار نياڻين سان اجتماعي لڄالٽ جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، رسول آباد ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان اجتمائي لڄالٽ جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ وارثن جي مرضي موجب واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ جي خلاف ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد ۾ مڪمل شٽربند هڙتال، سوين ماڻهن احتجاجي جلوس ڪڍي رهبر چوڪ تي ڌرڻو، پوليس انتظاميه خلاف سخت نعريبازي واقعي خلاف هنڱورجا ۾ جسقم ڪارڪنن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ذيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتون ميڊيا آڏو روئي پيون. انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.

ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد ۾ لڄالٽ واقعي جي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي
ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد ۾ لڄالٽ واقعي جي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي

تفصيل موجب رسول آباد شهر ۾ 40 ڏينهن اڳ 7 نامعلوم هٿياربندن پاران رسول آباد جي ميمڻ محلا ۾ هوٽل جي مالڪ محمد پريل عرف بابو ميمڻ جي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري لکين روپين جي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ چار عورتن مسمات شازيا، ڪائنات، سپنا، آسيا ميمڻ سان اجتمائي ڏاڍائي ٿيڻ واري واقعي جي ايف آءِ آر وارثن جي مرضي کان سواءِ هنڱورجا ٿاڻي تي پوليس پاران داخل ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري جسقم، جسم، جسمم، شهري اتحاد، دڪاندار ايسوسيئشن، سگا، واپاري ايسوسيئيشن جي ڪارڪنن ۽ سوين شهرين سيد معزل شاهه، جسقم جي ضلعي اڳواڻ عثمان ميمڻ، جسمم جي جيسينا ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد رهبر چوڪ تي ڌرڻو هڻي نٽهڻ اس تي هڪ ڪلاڪ تائين هنڱورجا پوليس ۽ جوابدارن جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته هنڱورجا پوليس 4 عورتن سان ٿيل ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جي جوابدارن کي 40 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود گرفتار ڪري نه سگهي آهي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي وئي آهي ۽ نياڻين جون عزتون لٽيندڙ جوابدار عورتن جي وارثن کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته پوليس پنهنجي مرضي موجب چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. جيڪا آيف آءِ آر رد ڪري نياڻين سان اجتمائي ڏاڍائي ۽ لڳل ڌاڙي جي نئين ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. هنن الزم لڳايو ته پوليس عملدار ملوث جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.
3210
zulm
رسول آباد ۾ اجتمائي ڏاڍائي جو شڪار 4 عورتن مسمات شازيا، سپنا، آسيا ۽ ڪائنات ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ظالمن اسان سان وڏو ناحق ڪيو آهي جو هٿيارن جي زور تي اسان سڀني کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري اسان جو عزتون لٽيون ويون. ان وقت اسان انهن کي پاڪ ڪتاب جا واسطا پنهنجا روا لاهي پيرن ۾ وڌاسين پر ظالمن اسان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اسان کي جيئڻ جهڙو ناهي ڇڏيو. اسان هنڱورجا پوليس وٽ ايف آءِ آر جي لاءِ دانهون ڪيوسين پر پوليس وارن به اسان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ پنهنجي مرضي موجب صرف سکڻي چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي. ايس ايس پي خيرپور هتي آيو هو جنهن کي به حقيقت کان آگاهه ڪيو ويو پر انهي به اسان جي دانهن نه ٻڌي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن هنڱورجا ۾ جسقم جي ڪارڪنن ظهور دايو، منعان ميمڻ، يوسف ميمڻ ، عطيق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين هنڱورجا پوليس ۽ جوابدارن جي خلاف نعريبازي ڪري رهيا هيا. مظاهرين مطالبو ڪيو ته لڄالٽ جو شڪار عورتن جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ٿيڻ تائين جاري رکيو ويندو.
87س
intaha
رسول آباد جو هوٽل مالڪ محمد پريل عرف بابو ميمڻ ٻڌايو ته ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي. ظالمن منهنجي گهر ۾ گھڙي لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ سان گڏ منهنجي سامهون منهنجي گهرواري ۽ نياڻين سان اجتمائي لڄالٽ ڪئي ۽ 2 ڪلاڪ تائين گهر اندر موجود رهيا منهنجو سڀ ڪجهه برباد ڪندڙ ظالمن خلاف پوليس حقيقي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بدران ڏوهاري سان ملي منهنجي مرضي کان بغير چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. جيڪا وڏي ناانصافي آهي. مون کي انصاف جي لاءِ ايس ايس پي خيرپور مسلسل دلاسا ڏيندو رهيو پر 40 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪو انصاف ناهي ملي سگهيو. پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري چالان ڪري ڇڏيو باقي ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو. پوليس انتظاميه جي ناانصافي جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي آهي 9 جولاءِ تي عدالت سڳوري ڌرين کي طلب ڪيو آهي عدالت اسان سان انصاف ڪندي.
nind
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ محمد پريل عرف بابو ميمڻ جي گهر ۾ هٿياربندن پاران 4 عورتن سان اجتمائي ڏاڍائي ۽ لکين روپين جي لڳل ڌاڙي کي 40 ڏينهن گذري ويا آهن پر سندن جي همدردي جي لاءِ چونڊيل نمائندن ايم اين اي ، ايم پي اي سميت عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز توڙي سماجي تنظمين مان سندن وٽ ڪير به لڙي ناهي آيو. خوفناڪ واقعي سبب رسول آباد ۾ اڃان تائين خوف حراس ڇانيل آهي. جڏهن ته اجتمائي جو شڪار بڻيل 2 ڪنوارين نياڻين آسيا ۽ سپنا ميمڻ ڪيترائي ڀيرا زندگي جو ڏيئو اجهائڻ لاءِ خود ڪشي جي به ڪوشش ڪئي آهي.
1320
siasi
رسول آباد جي سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن توڙي شهرين هوٽل مالڪ محمد پريل عرف بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ عورتن سان اجتمائي ڏاڍائي واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ڏوهارين جي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. شهر جي چڱي مڙس سيد معزل شاهه چيو ته رسول آباد جي تاريخ ۾ هي وڏو سانحو ٿيو آهي جو لوفرن نياڻين جون عزتون لٽيون آهن ۽ پوليس وري انهن لوفرن جي خلاف حقيقي آيف آءِ آر داخل ڪرڻ بدران وارثن جي مرضي کان بغير صرف چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪري ناانصافي ڪئي آهي. جسقم ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري علي عثمان ميمڻ چيو ته عورتن سان اجتمائي لڄالٽ جي واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي. هٿياربندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي آهي ان جي ذميوار پوليس آهي. جسمم ضلعي خيرپور جي اڳواڻ جيسينا ميمڻ جو چوڻ آهي ته پريل ميمڻ جي گهر ۾ ٿيل واقعو افسوس ناڪ آهي ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. جسمم جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن سان هر مرحلي ۾ گڏ هوندي. جسقم جي عاشق منگي چيو ته رسول آباد جي انتهائي شريف شهري پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ اجتمائي لڄالٽ جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتاري نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button