مختصر خبرون

ھنڱورجا: سماج مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي خلاف آبادگارن ۽ هارين جو مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سماج مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي خلاف آبادگارن ۽ هارين جو علي ڏنو نوهپوٽو، دلشاد نوهپوٽو، نياز حسين ، محمد عرس نوهپوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري اريگيشن عملدارن جي خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين الزام لڳايو ته سماج مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ هجڻ جي ڪري وونئڻن جو فصل پوکي نه سگهيا آهيون. جڏهن ته ٻيا پوکيل فصل به پاڻي نه ملڻ جي ڪري سڙي سکي تباهه ٿي رهيا آهن. ڪيترائي ڀيرا آبپاشي انجنيئر خيرپور جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. آبادگار اڳواڻ چيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري پڇڙي ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پئجي رهيو آهي هنن چتاءُ ڏنو ته فوري طور تي پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته آبپاشي جي چيف انجنيئر سکر ۽ انجنيئر خيرپور سميت ذميوارن جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ويندي. هنن آخر ۾ وزيراعلي سنڌ ۽ صوبائي وزير آبپاشي کان مطالبو ڪيو ته سماج مائينر ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button