مختصر خبرون

ھنڱورجا: رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجمتاعي ڏاڍائي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجمتاعي ڏاڍائي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي خيرپور پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جو ڪوبه پتو نه پيو، پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي وئي، گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان لڄالٽ جو شڪار عورتن جي هٿ آيل موبائل فون پوليس گم ڪري ڇڏي، پوليس انتظاميه ڪيس کي وڃائڻ ۾ وسان نه گهٽايو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا
تفصيل موجب رسول آباد ۾ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن مسمات شازيا، آسيا، سپنا ۽ ڪائنات سان ٿيل اجتماعي ڏاڍائي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس 53 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود گرفتار ڪري نه سگهي آهي. ايس ايس پي خيرپور پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. جاچ ٽيم ۾ شامل ڊي ايس پي رپڙي عبدالمالڪ ڀٽو، انسپيڪٽر الطاف بڙدي ۽ مير امداد ٽالپر اڃان تائين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڪي به اثرائتيون ڪاروائيون ناهن ڪيون جنهن جي ڪري جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن. ايس ايس ايڇ او مير امداد ٽالپر گرفتار ڪيل هڪ جوابدار سليم سهتو وٽان هٿ آيل متاثر عورتن جي تصويرن وارن ثبوت طور هٿ آيل موبائل فون ڪيس ۾ شامل ڪرڻ بدران اها گم ڪري ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ بدران انهن سان ٻٽ بڻجي وئي آهي هوڏانهن جوابدارن جي گرفتار لاءِ رسول آباد ۽ هنڱورجا ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن عبدالسميع ڀنڀرو، عطيق ميمڻ، انور سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن پ پ تعلقي صوڀوديرو جي صدر الهورايو چنو ميمڻ اتحاد جي سربراهه عبدالرزاق ميمڻ پاران سي ايم هائوس خيرپور تي جوابدارن جي پٺ ڀرائي واري ڏنل بيان جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته نصير سهتو سي ايم هائوس خيرپور جي نه انچارج آهي نه ئي وري اهو جوابدارن جي پٺ ڀرائي ڪري رهيو آهي. نصير سهتو سکر ۾ سئي گيس آفيس جو ملازم آهي. هن چيو ته وزيراعلي سنڌ جي نياڻي سيد نفيسا شاهه ڪينيڊا مان واپس اچڻ شرط سڌو رسول آباد سانحي جي متاثر عورتن وٽ پهچي معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ متاثر خاندان جي سامهون پوليس جي عملدارن کي هر صورت ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته افسوسناڪ واقعي تي ڪنهن به سياست نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته نياڻين سان وڏو ناحق ۽ جبر ٿيو آهي. ان جا جوابدار هر صورت ۾ گرفتار ٿيڻ گهرجن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button