سکر

ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو
ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪنڌڪوٽ جي رهواسي ٽن نابين ڀائرن عبدالڪريم، حافظ عبدالرحمان، همت علي بلو صحافين کي ٻڌايو ته سندن علائقي جي با اثر جوابدارن ببلو پٺاڻ، مختيار، فيروز ۽ ٻين سندن ٻه ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، اهڙي عمل کانپوءِ ڪنڌڪوٽ ٿاڻي تي پهچي سندن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪار روائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙي اطلاع کانپوءِ با اثر شخص مڇرجي پيا آهن، جن انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، هنن ٻڌايو ته اسان معذور آهيون ۽ سڄو گذر سفر جو دارومدار ڄاڻايل زمين تي آهي، جيڪڏهن زمين واپس نه ٿي ته فاقه ڪشي ۽ محتاجي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وينداسين، معذور ڀائرن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button