آرٽيڪل

وزيرستان آپريشن جي تازي صورتحال

عاشق علي سومرو

عاشق علي سومرو
عاشق علي سومرو
اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب شدت سان جاري آهي. ويڙهاڪن جي اهم ٺڪاڻن جو فورسز گهيرو ڪري ورتو آهي. افواج پاڪستان جي نوجوانن پاران هاڻي زميني جنگ شروع ڪري ڏني آهي. افواج پاڪستان جي آفيسرن موجب ته 80 سيڪڙو آپريشن ڪامياب ٿي چڪو آهي، مارجي ويل دهشت گردن جو انگ 500 کان مٿي ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۽ چڪرين ۾ 25 فوجي شهيد ٿي ويا. فورسز باجوڙ ايجنسي ۾ پڻ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشت گردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو. دهشتگردن خلاف اتر وزيرستان ۾ شروع ڪيل آپريشن ۾ تيزي اچي وئي آهي. پاڪ فوج مير علي ۽ ميران شاهه سميت مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي اهم ٺڪاڻن جو گهيرو ڪري ورتو آهي. اتر وزيرستان جي ٻين ايجنسين سان لڳندڙ سرحدن کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي، اهو به ٻڏايو وڃي ٿو ته 15 کان 20 هٿيار ٺاهڻ جون فيڪٽريون پڻ تباهه ڪيون ويون آهن، جڏهن ته علائقي جي مسلسل هوائي نگراني ڪئي پئي وڃي.آءِ ايس پي آر موجب افغان فورسز کي به سرحد سيل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ کين ڪنڙ، نورستان ۽ ٻين علائقن ۾ ٽي ٽي پي جا ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي. شوال تعلقي ۾ فورسز جنگي جهازن وسيلي بمباري ڪئي، جنهن ۾ 27 دهشتگردن جي مارجڻ جا اطلاع آهن. جن ۾ ازبڪ به شامل آهن. هن ڪارروائي ۾ 3 ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا. مير علي جي مختلف علائقن ۾ پڻ فورسز جي جنگي جهازن بمباري ڪئي جنهن ۾ پڻ ماڻهن جي مرڻ جو خدشو آهي. ويڙهه ۾ مارجي ويل دهشت گردن جو انگ 500 کان مٿي ٿي ويو آهي. پاڪ فوج مطابق فوجي دستن دهشتگردن جي سمورن ٺڪاڻن جو گهيرو ڪري ورتو آهي. مير علي ويجهو فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 7 دهشت گردن کي ماريو ويو، جڏهن ته 2 فوجي جوان پڻ شهيد ٿي ويا. هيستائين ڪنهن به شهري آبادي تي حملو نه ڪيو ويو آهي. دهشتگردن جي چرپر روڪڻ لاءِ سندن فرار جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. فورسز باجوڙ ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ پڻ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. فورسز جي رضاڪارن تعلقي لوئي ماموند ۾ سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران عوام فوج سان ايڪتا جو اظهار ڪيو. سيڪيورٽي خدشن سبب تعليمي ادارا اڻڄاتل مدي تائين بند ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ويڙهاڪن کي پناهه ڏيندڙ ۽ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جا گهر ساڙي کين علائقي نيڪالي ڏني ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف آپريشن ضرب عضب مقصد حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو، پاڪ فوج ملڪ جي سلامتي جي جنگ وڙهي رهي آهي ان لاءِ پوري قوم، ميڊيا ۽ سياسي پارٽين کي حڪومت ۽ فوج جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ڪنهن به قيمت تي ملڪ کي دهشتگردن جي پناهگاهه بڻجڻ نه ڏنو ويندو، هي آپريشن اسان جي خوابن جي تعبير ثابت ٿيندو، ڊگهين ڳالهين واري عمل جي هر مرحلي تي سياسي ۽ فوجي قيادت جي وچ ۾ نه رڳو مشاورت جو عمل جاري رهيو پر ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کانپوءِ دهشتگردي خلاف آپريشن جو فيصلو به سياسي ۽ فوجي قيادت گڏيل مشاورت سان ڪيو، اسان ملڪ کي پرامن سرزمين بڻائڻ جو عهد ڪيو آهي، اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين جتي مائرن، ڀينرن جي عزت ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو دور هوندو، اسان جون سيڪيورٽي ايجنسيون، دفاعي اثاثا، مسجدون، اسڪول ۽ عبادتگاهون به محفوظ نه آهن، اسان جي راندين جا ميدان ٻاهرئين ملڪ کان ايندڙ ٽيمن لاءِ سڪي ويا آهن، دهشتگردي اسان کي 103 ارب ڊالر جو گهرو زخم لڳايو آهي، ڪالهه تائين آپريشن بابت مختلف رايا هئا هاڻي پوري قوم، ميڊيا ۽ سياسي پارٽين کي حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي پٺيان بيهڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته قومي تعمير جي ان مرحلي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ويندو. دهشتگردي سبب اسلام جي عظيم نظريي امن ۽ ڀائيچاري کي نقصان پهچي رهيو آهي، اسان جي فوج بهادري ۽ عزم سان ان جو مقابلو ڪندي. زندهه قومون الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ پختي عزم سان پنهنجي تقدير پاڻ بدلائينديون آهن، انشاءَ الله اسان به پاڪستان کي امن جو گهر بڻائينداسين جتي جان ۽ مال جي تحفظ سان گڏوگڏ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن هوندو. آپريشن سبب متاثر ماڻهن لاءِ خاص مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. وفاقي ڪابينا جي ميمبر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ کي ذميواري ڏني وئي آهي ته هو متاثر ماڻهن جي هر ضرورت جو خاص خيال رکي. اميد آهي ته ڪي پي ڪي جي حڪومت به ان سان تعاون ڪندي. ڏٺو وڃي ته وزيرستان آپريشن سان ملڪ ۾ ڪيترو امن ٿيو آهي، اها ڳالهه به بلڪل واضع آهي، هڪ ڳالهه ته آپريشن ۾ اڃا تائين طالبان جا اهم ليڊر پنهنجي مشن تي قائم آهن، هن مهل تائين ڪو به اهم اڳواڻ جي زخمي يا مري وڃڻ جا اطلاع نه مليا آهن. ان جو مطلب ته لڳي ٿو ته طالبان جا اهم ليڊر يا ته تمام اهم جڳهين ڏانهن لڪي ويهي رهيا آهن يا وري ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. ها ان ضرب عضب آپريشن سان اسان جا قوم پرست ضرور جاڳيا آهن، جن سنڌ اندر ڌارين جي داخلا تي پابندي لڳرائڻ لاءِ هر روز احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن. پر وزيرستان جا متاثرين سنڌ اندر ته داخل ٿي چڪا آهن. سنڌ اندر هڪ سروي موجب 35 هزار خاندان پهچي چڪا آهن، جنهن جي اچن سان ئي ڪراچي ۾ وري ٻرڌڪ مچيو پيو آهي. هوڏانهن اسان هر روز اسان جي سياسي ڪامورا پنهنجا بيان تبديل ڪندا رهن ٿا. وڏي وزير جون ڳالهيون به اسان ۽ اوهان کان لڪل نه آهن. اها سنڌ وارن جو اهو حق آهي ته هو پنهنجي صوبي جي به حفاظت ڪن، چاڪاڻ ته پهريان سوات آپريشن ۽ افغانستان جي مهاجرين جيڪو سنڌ کي تباهه ڪيو آهي، اهو هتان جي سنڌين کان وسري نه سگهندو جنهن جي ڪري اسان جا قوم پرست اڳواڻ پريشان آهن، ڪالهه تازو پوري سنڌ ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف ڏنل هڙتال واري سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو. جڏهن ته ٽرئفڪ به روڊن تان غائب رهي. اهڙي عمل سان اسان جي عوام کي تڪليف به ٿئي ٿي، در حقيقت اسان جي قومپرست پارٽين کي گهرجي ته هو اعوانن جا در وري بند ڪن ۽ اعوانن اڳيان ويهي پنهنجي مطالبن جي مڃتا ڪرائن. هر انسان کي حق آهي ته هو پنهنجي حق لاءِ وڙهي، اسان جي عوام ۾ شعور آهي، افواج پاڪستان اهم ليڊرن موجب ته اسان ضرب عضب کي 80 سيڪڙو مڪمل ڪري چڪا آهيون، ان ڳالهه سان متفق هجڻ لاءِ اسان جا سياسي ليڊرن جون ڳالهيون ڪجهه تبديل ٿينديون رهن ٿيون. اسان کي اوهان کي بلڪي سڀني کي اها به خبر آهي ته اگر وزيرستان ۾ آپريشن هلي رهيو آهي ته اتي رهندڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اسان جي حڪومت کي گهرجي ته وزيرستان مان لڏ پلاڻ ڪندڙ خاندانن کي ڪي پي ڪي ۾ هي رهڻ جي جڳهه ڏني وڃي، اتي انهن جي لاءِ بندو بست ڪيو وڃي، ته جيئن اهي به انسان آهن، عمران خان پنهنجي مفاد لاءِ ريليون ۽ لانگ مارچ تي ته ڪروڙين روپيا خرچ ڪر ي ٿو هن وقت حڪومت به ڪي پي ڪي ۾ عمران خان صاحب جي آهي ته پوءِ آپريشن متاثر عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڇو نٿو ڪي اپاءَ وٺي. هن وقت پاڪستان جي هر صوبي ۾ مسئلا آهن، هر ڪو صوبو طالبانن جي ڊپ ۾ متاثرين کي اچڻ نٿو ڏئي، ۽ هر صوبي جي بنيادي حق به آهي ، هن وقت جيڪي ڊيرا اسماعيل خان، بنو، لڪي مروت ۽ بين جڳهين تي لڳل ڪئمپن ۾ ڪافي مسئلا مسائل آهن، ٻه ڏينهن پهريان اتي موجود متاثرين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جن سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت نه ڏني وئي آهي، ڪئمپن ۾ کائڻ پيئڻ جو سامان به موجود نه آهي، ڪئمپن ۾ موجود ٻارڙن ۾ ڪيترائي ٻارڙا بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. پاڻي نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي بيماريون پکرجي رهيون آهن. انجي جي لاءِ ڪي خاص اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن آپريشن متاثرين کي بچايو وڃي. هاڻي ڏسجي ته اهو آپريشن اڃا ڪيترو ٽائيم هلندو، افواج پاڪستان موجب ته ڪو به تائين ڏئي نٿو سگهجي، جيستائين آخري دهشتگرد جو خاتمو نه ٿي سگهندو تيستائين اهو آپريشن هلندو رهندو. هن وقت پاڪستان نه پر اسان جي آس پاس وارا ملڪ به وزيرستان آپريشن جي رد عمل جو بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيا آهن. سڀني ملڪن کي انتطار آهي ته آپريشن مان آخر ڪهڙا فائدا رسندا، يا وري دهشتگردي وڌي ويندي. هڪ اها ڳالهه به ته وزيرستان ۾ آپريشن سان افغانستان کي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي، افعانستان کي اهو ڊپ آهي ته طالبانن جا گروهه افغانستان ڏانهن هليا ويندا، جنهن جي ڪري افغانستان ۾ دهشتگردي وڌي ويندي. جڏهن ته وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملا به جاري آهن، تازو ڪجهه ڏينهن پهريان وري وزيرستان جي علائقي مٿان ڊرون حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. وزيرستان آپريشن سان ڪجهه ته فائدو ٿيندو، اگر ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ ڪجهه دهشتگردي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اميد ته اها ئي رکي سگهجي ٿي ته پاڪستان فوج جي نوجوانن جي محنت مان ڪجهه عوام کي فائدو ٿيندو، ۽ پاڪستان اندر امن جو پڪي دوبارا اڏامندي نظر ايندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button