ھنڱورجا

وزيراعلي پاران نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس جي ڪن تي جونءَ به نه چري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

وومين ايڪشن فورم ۽ عورت فائونڊيشن وفد روبينا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي
وومين ايڪشن فورم ۽ عورت فائونڊيشن وفد روبينا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي

رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ جي گهر ۾ لکين روپين جي لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي جو وزيراعلي پاران نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس جي ڪن تي جونءَ به نه چري ، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي، جوابدارن پاران متاثر خاندان کي قتل جون ڌمڪيون، ڊي سي خيرپور کي رسول آباد سانحو ياد اچي ويو، 48 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڊي سي وارثن وٽ پهتو، مالي امداد ڏيڻ جي آڇ، متاثرين پاران مالي امداد واري آڇ ٺڪرائي ڇڏي اسان کي پئسا نه کپن پر جوابدار گرفتار ڪريو، ڊي سي آڏو احتجاج، متاثر 4 عورتن پاران 17 جولاءِ تي ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو انصاف جي لاءِ بک هڙتال جو اعلان، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ احتجاج جو سلسلو جاري تفصيل موجب رسول آباد جي ميمڻ محلا ۾ هوٽل مالڪ پريل بابو ميمڻ جي گهر ۾ لکين روپين جي ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان ٿيل 7 جوابدارن پاران اجتماعي واري سانحي کي 48 ڏينهن گذري ويا وزيراعلي سنڌ پاران سانحي جو نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. جنهن ڪري جوابدار متاثر فريادي کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن 48 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ نيٺ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺياڻي کي رسول آباد سانحو ياد اچي ويو. گذريل ڏينهن ڊي سي خيرپور منور علي مٺياڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر صوڀوديرو ڊاڪٽر شاهزيب ۽ مختيارڪار صوڀوديرو اقبال جنڊاڻ ۽ تعلقي جي تپيدارن کي ساڻ ڪري رسول آباد ۾ متاثر خاندان وٽ پهتو جتي پريل ميمڻ کي مالي امداد جي آڇ ڪئي جيڪا متاثرين ٺڪرائي ڇڏي ۽ ڊي سي کي چيو ته اسان کي پئسن جي ضرورت ناهي اسان جون عزتون لٽيندڙ جوابدار گرفتار ڪيو. جنهن تي ڊي سي خيرپور کين کي يقين ڏياريو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي خيرپور سان ڳالهايو ويندو هن سانحي جو وزيراعلي سنڌ ۽ ايم اين اي نفيسا شاه نوٽيس ورتو آهي جوابدار هر صورت ۾ گرفتار ٿيندا. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعلي جي هدايت تي آئون هتي پهتو آهيان متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس پي خيرپور کي چوندس. هن چيو ته عورتن سان وڏو ظلم ٿيو آهي. اهڙن ظالم جوابدارن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو. هوڏانهن جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ هنڱورجا ۾ سگا پاران ۽ رسول آباد ۾ ميمڻ اتحاد جي سڏ تي الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. سگا جي عبدالسميع ڀنڀرو، مور سنڌي، ميمڻ اتحاد جي عبدالقادر ميمڻ، عطيق ميمڻ، الطاف ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو هي احتجاج جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رهندو. هوڏانهن لڄالٽ جو شڪار ٿيل عورتن اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ته انصاف جي حاصلات جي لاءِ 17 جولاءِ تي ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو بک هڙتال شروع ڪئي ويندي. هنن چيو ته ظالمن ظلم جي انتها ڪئي انهن جانور صفت انسانن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي پر خبر ناهي ڇو پوليس انهن سان ٻٽ بڻجي انهن کي گرفتار نٿي ڪري. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ ، عبدلغفار ميمڻ، حبيب الرحمان ميمڻ ، حسين ميمڻ ۽ ٻين چيو آهي ته جيڪڏهن ميمڻ برادري جي 4 نياڻين سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته سنڌ جي سموري ميمڻ برادري کي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويندو. هنن چيو ته رسول آباد سانحي کي 48 ڏينهن گذري ويا آهن پر وقت جا گونگا ۽ ٻوڙا حڪمران مظلوم نياڻين جي دانهن ٻڌڻ توڙي انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪي به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button