هنڱورجا: ڳوٺاڻن جو سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
SSGCڳوٺ يار محمد جانوري ۾ ڳوٺاڻن پاران گئس جا ڪنيڪشن لاءِ ڊمانڊ نوٽيس جمع هجڻ باوجود اڃان تائين ميٽر نه ملڻ تي سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف غلام سرور جانوري، مظهر جانوري، قربان جانوري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان گئس ڪنيڪشن جا ڊمانڊ نوٽيس آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن پر ان جي باوجود ميٽر نٿا لڳايا وڃن. جنهن ڪري گئس جهڙي سهولت کان محروم آهيون. هنن ايم ڊي سئي سدرن گئس ڪمپني کي اپيل ڪئي ته گئس جا ڪنيڪشن فوري طور تي ڏنا وڃن

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close