مختصر خبرون

هنڱورجا: پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر هنڱورجا ۾ بيروزگار نوجوانن کي پوليس جي نوڪرين جا ڏنا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر پير سيد قمر الزمان شاه جيلاني تعلقي صدر الهورايو خان چنو سان گڏجي هنڱورجا ۾ بيروزگار نوجوانن کي پوليس جي نوڪرين جا آرڊر ورهايا آهن. نوڪري وارا آرڊر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پير قمرالزمان شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه غريب ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي اڄ ميرٽ جي بنياد تي تعلقي صوڀوديرو جي 10 بيروزگارن عبدالوحيد سهتو، عبدالقدير سهتو، آصف علي چنو، هدايت الله قريشي، فرمان علي شاه، عبدالقدير ڏاهري، الطاف حسين گلال ، عبدالمالڪ شيخ ، احسان ڪلهوڙو، حسين بخش سهتو۽ امتياز ناريجو کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا ويا آهن. هن چيو ته پ پ هميشه نوڪريون ڏنيو آهن پر ٻي حڪومت اچڻ کان پوءِ ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوڀوديرو تعلقي ۾ پ پ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ هاڻي بيروزگارن کي به نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شرو ڪيو آهي. تقريب کي الهورايو خان چنو ، ڪامريڊ خدابخش سهتو، سيد ممتاز علي شاه، احمد ڏاهري ، لياقت قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button