مختصر خبرون

هنڱورجا: صوڀوديرو جونوجوان نوشهروفيروز کان خيرپور ويندي رستي مان مبينا طور اغوا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
صوڀوديرو جي ڳوٺ سونو سامٽيو جو رهواسي نوجوان نوشهروفيروز کان خيرپور ويندي رستي مان مبينا طور اغوا ٿي ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، وارثن کان ڀنگ طلب
تفصيل موجب صوڀوديرو جي ڳوٺ سونو سامٽيو جو رهواسي نوجوان عبدالستار ولد محرم علي سامٽيو نوشهروفيروز کان خيرپور وڃي رهيو هيو ته رستي مان مبينا طور تي هٿياربندن کيس کي اغوا ڪري ويا آهن. مغوي نوجوان جي والد محرم علي سامٽيو ٻڌايو ته منهنجو پٽ نوشهروفيروز ۾ ميڊيڪل اسٽور هلائيندو آهي. نوشهرو کان خيرپور لاءِ وڃي رهيو هيو ته کيس کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل نوجوان کي واپس ڪرايو وڃي. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مغوي جي وارثن کي هٿياربندن نامعلوم هنڌ تان فون ڪري ڀنگ جي رڪم طلب ڪري ورتي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button