ھنڱورجا

هنڱورجا: سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ شٽربند هڙتال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

 سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ شٽربند هڙتال
سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ شٽربند هڙتال

سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ شٽربند هڙتال، ڪارڪنن جا هنڱورجا قومي شاهراهه تي ۽ رسول آباد قومي شاهراهه تي الڳ الڳ ڌرڻا ٽريفڪ معطل ٿي وئي، هنڱورجا ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن ارشاد چنو، سجاد حسين سولنگي، عرفان سهتو جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته رسول آباد ۾ جسقم جي اڪبر راڄپر، سجاد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب دهشتگردي جي واقعن ۾اضافو ٿيڻ جو خطرو آهي. سنڌ ۾ داخل سمورن ڌارين کي سنڌ نيڪالي ڏيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button