ھنڱورجا

هنڱورجا : اغوا ٿي ويل نوجوان کي پوليس انتظاميه بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Hingorja Solangi Sardarهنڱورجا واسي اغوا ٿي ويل جهانگير سولنگي کي پوليس انتظاميه بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوي جي اغوا جو ڪيس به داخل نه ڪيو. سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ گهر ڀاتي پنهنجي پياري جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري ڌڻي در دانهيندا رهن ٿا. جڏهن ته مغوي جي والد حاجي بيگ محمد ۽ چاچي نظر محمد ٻڌايو ته پوليس انتظاميه جهانگير کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو جنهن جي ڪري اسان جي گهر ۾ ماتم متل آهي. هوڏانهن سولنگي برادري جي چيف سردار راحيل آصف سولنگي هنڱورجا پهچي مغوي جي وارثن سان ملاقات ڪري کين کان معلومات ورتي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار راحيل آصف چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن جهانگير سولنگي کي ٻن ڏينهن ۾ بازياب نه ڪرايو ويو ته نااهل پوليس انتظاميه جي خلاف سنڌ پنجاب جي بارڊر تي قومي شاهراه تي ڪمون شهيد وٽ اڻ ڄاتل مدي تائين ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ سڄي پاڪستان جا سولنگي برادري جا ماڻهو شرڪت ڪندا. هن چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو وزيراعلي سنڌ جي آبائي ضلعي ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيل ماڻهن کي اغوا ڪري وڃن ٿا پر پوليس انتظاميه وزيرن ، مشيرن ۽ وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي. 4 ڏينهن جهانگير سولنگي کي اغوا ڪئي ٿي ويا آهن پر پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو نه ئي وري اغوا جي ڪاايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. جيڪا تمام وڏي ناانصافي آهي ۽ هاڻي سولنگين سان ٿيندڙ ناانصافيون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون ڇو ته هتي سولنگين کي ننڌڻڪو سمجهي اغوا ڪيو پيو وڃي جهانگير جي بازيابي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ سان گڏ روڊن ۽ رستن تي ڌرڻا پڻ هنيا ويندا. هن کان اڳ سردار راحيل آصف سولنگي ڳوٺ سائينداد سولنگي پهچي صحافي رحيم سولنگي، استاد اعظم سولنگي، علي مردان سولنگي سان تعزيت ڪرڻ بعد سيٺارجا ۾ اخلاق عظيم سولنگي جي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button