ھنڱورجا

هنڱورجا:رسول آباد سانحي جي متاثر خاندان کي انصاف نه ملي سگهيو، متاثر عورتون ڪراچي لاءِ روانيون

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا

ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد ۾ لڄالٽ واقعي جي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي
ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد ۾ لڄالٽ واقعي جي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي

رسول آباد سانحي جي متاثر خاندان کي انصاف نه ملي سگهيو، اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، انصاف لاءِ متاثر عورتون رسول آباد کان ڪراچي لاءِ روانيون، ڪراچي روانو ٿيڻ کان اڳ متاثر خاندان وٽ پوليس عملدار پهچي کين کي ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪري 2 ڏينهن جي اندر سڀني جوابدار گرفتار ڪرڻ جو واعدو، متاثر خاندان کين جي هڪ به نه ٻڌي، ميمڻ برادري سان گڏ ڪراچي لاءِ روانا، فنڪشنل ليگ ايم اين اي 50 ڏينهن کان پوءِ متاثرين وٽ پهچي ويو، هر ممڪن ڪرڻ جي يقين دهاني ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ احتجاجي مظاهرا
تفصيل موجب رسول آباد ۾ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لکين روپين جي لڳل ڌاڙي ۽ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان ٿيل اجمتاعي لڄالٽ واري سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃان تائين گرفتار ڪري نه سگهي. متاثر خاندان پوليس جي ڪاڪردگي مان مايوس ٿي انصاف جي حاصلات لاءِ پريل ميمڻ ۽ متاثر 4 عورتن سان گڏ ميمڻ برادري جي ماڻهن جي وڏي انگ سان گڏ رسول آباد کان ڪراچي لاءِ روانا ٿي ويا آهن جتي سڀاڻي 2 بجه منجهند ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي ويندي. متاثر خاندان جي ڪراچي وڃڻ کان اڳ ايس ايڇ او ٺري ميرواهه مير امداد ٽالپر، ايس ايڇ او سيٺارجا امام بخش مٺياڻي سان گڏ رسول آباد پهچي متاثر خاندان کي ڪراچي ۾ احتجاج نه ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪلاڪ تائين منٿون ڪيون ۽ متاثرين کي چيو ته 2 ڏينهن جي مهلت ڏيو ته سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو جنهن تي پريل ميمڻ کيس چيو ته 50 ڏينهن تائين جوابدارن ڇو نه ٿي سگهيا ۽ هاڻي 2 ڏينهن ۾ جوابدار ڪيئن گرفتار ٿي سگهندا. پريل ميمڻ پوليس عملدارن کي کتو جواب ڏيندي چيو ته سڀاڻي ڪراچي ۾ هر حال ۾ متاثر عورتن سان گڏ احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن فنڪشنل مسلم ليگ جو ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاه لڪياري 50 ڏينهن کان پوءِ رسول آباد سانحي جي متاثر خاندان وٽ پهچي معلومات حاصل ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ڪاظم علي شاه لڪياري چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ رسول آباد سانحو افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هن چيو ته رسول آباد ۾ عورتن اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ وحشي صفت جوابدارن کي خبر ناهي ڇو پوليس انتظاميه گرفتار نٿي ڪري جوابدارن جي گرفتاري ۽ متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اعلي اختيارين سان ڳالهائيندس. هن چيو ته سکڻن نوٽيس وٺڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو عملي طور پوليس انتظاميه سنجيدهه ٿي جوابدارن کي گرفتار ڪري. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ عورتن جون عزتون محفوظ ناهن پر پوليس انتظاميه رڳو وزيرن ۽ مشيرن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آهي. سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري متاثره عورتن کي اجرڪون اوڍايون. ٻئي پاسي رسول آباد سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي پاران عبدالسميع ڀنڀرو، علي عثمان ميمڻ، الطاف پپو ميمڻ، عطيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا اڳواڻن چيو ته رسول آباد ۾ عورتن سان ڏاڍائي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي رٿيل احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ خيرپور ضلعي جي صدر احمد ميمڻ، قمر الدين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سنڌ ميمڻ اتحا جو قافلو ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button