مختصر خبرون

نوشهروفيروز ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ عوام سخت پريشان، گرمي جي لهر ۾ به اضافو

معشوق علي سومرو ،نوشهروفيروز
نوشهروفيروز ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ عوام سخت پريشان، گرمي جي لهر ۾ به اضافو. تفصيل موجب رمضان مهيني ۾ اعلان ڪيل لوڊشيڊنگ کان علاوه به هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شهر ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ جڏهن ته ٻهڙاري جي علائقن ۾ 16 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪئي پئي وڃي. صحري ۽ افطار وقت به بجلي نه هئڻ ڪري عوام کي سخت پريشاني ٿي رهي آهي. ٻئي طرف گرمي جي لهر ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. هٿرادو لوڊشيڊنگ جي ڪري دوڪاندار ايسوسيئيشن پاران احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي.، شهرين مطالبو ڪندي چيو آهي ته هٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي بي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۽ پوري شهر ۾ ڪاروبار بند ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button