نوشهرو فيروز

نوشهروفيروز: گودامن مان خوراڪ کاتي جي ملازمن 80 هزار کان وڌيڪ ٻوريون وڪرو ڪري ڇڏيون

معشوق علي سومرو، نوشهروفيروز

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو

نوشهروفيروز جي مختلف گودامن مان خوراڪ کاتي جي ملازمن 80 هزار کان وڌيڪ ٻوريون وڪرو ڪري ڇڏيون، رمضان اسپيٽل پيڪيج جي بهاني سان فوڊ انسپيڪٽرن سان ملي ڪري ٻوريون هڙپ ڪيون ويون، خوراڪ کاتي پوري ضلعي ۾ ڪٿي به ان يا اٽي جا رعايتي اسٽال نه لڳايا آهن، انتظاميا خاموش، ملوث عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. سڄاڻ ڌريون. تفصيل موجب خوراڪ کاتي نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف گودامن نوشهروفيروز، مورو، ڪنڊيارو، درٻيلو، ڀريا، محرابپور، ابڙاڻ ۽ ٻين گودامن مان رمضان مهيني جي اسپيشل پيڪيج جي بهاني سان ڊپٽي ڊائريڪٽر، فوڊ انسپيڪٽر ۽ ٻين ملازمن سان ملي ڪري 80 هزار کان وڌيڪ ان جون ٻوريون وڪرو ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته ڄاڻايو ويو آهي ته اهي ٻوريون ضلعي جي مختلف شهرين ۾ اسپيشل پيڪيج ان ۽ اٽي جي صورت ۾ اسٽال لڳائي وڪرو ڪيون ويون آهن، پر پوري ضلعي جي ڪنهن به شهر ۾ خوراڪ کاتي جي عملي طرفان ڪو به اهڙو اسٽال نه لڳايو ويو، سريعام ڪرپشن هلي رهي آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا بلڪل گهڙي ننڊ ۾ ستل آهي جنهن اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو آهي. شهر جي مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين سنڏ جي وڏي وزير سائين قائم علي شاهه. خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير مهتاب ڏهر ۽ ٻين اعملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته رمضان مهيني جي اسپيشل پيڪيج جي بهاني سان ڪروڙن جي وڪرو ڪيل ڪڻڪ مان غريب عوام کي ڪو به فائدو نه رسيو آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ملازمن کي سخت سزا ڏني وڃي.
خوراڪ کاتي جي اعلا عملدارن انڊس نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه خوراڪ کاتي جا ملازم صحافين سان ملي ڪري اسان جي مٿان الزام لڳائي رهيا آهن. جيڪي اسان کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن انهن مٿان ڪيس دا خل ڪرائي سگهون ٿا ۽ انهن جي سمري پڻ اسان صوبائي وزير ڏانهن موڪلي چڪا آهيون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button