مختصر خبرون

نوشهروفيروز جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ مدي خارج ۽ نقلي دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، نوشهروفيروز
نوشهروفيروز جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ مدي خارج ۽ نقلي دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب نوسهروفيروز جي ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج ۽ نقلي دوائن جو وڪرو جاري آهي، جڏهن ته مدي خارج دوائن جي ڪري اڪثر مريض صحتياب ٿيڻ بدران ويتر بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا، نوشهروفيروز ۾ ڊرگ انسپيڪٽر جي 6 ماهي منٿلي مقرر آهي، جنهن ڪري هن مهل تائين ڪنهن به ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپو نه لڳي سگهيو آهي، ذريعن ٻڌايو ته ڊرگ انسپيڪٽر سال ۾ ٻه ڀيرا ڳري منٿلي وصول ڪري ويندو آهي، جنهن لاءِ ميڊيڪل اسٽورن وارا چندي جي صورت ۾ پيسا گڏ ڪندا آهن، هتان جي شهرين گهر ڪئي آهي ته انساني جانين جي نازڪ معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button