نوشهرو فيروز

نوشهروفيروز جي ميونسپل عملي کي پوري پگهار نه ملڻ سبب ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

معشوق علي سومرو ،نوشهروفيروز

نوشهروفيروز جي ميونسپل عملي کي پوري پگهار نه ملڻ سبب ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو
نوشهروفيروز جي ميونسپل عملي کي پوري پگهار نه ملڻ سبب ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز جي ميونسپل عملي کي پوري پگهار نه ملڻ سبب ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو، ڪم بند شهر ۾ گهندگيءَ جا ڍير پاڻي روڊ رستن تي وهڻ لڳو شهرين کي مشڪلات. تفصيل موجب نوشهروفيروز جي ايڊمنسٽيٽر پاران ملازمن جون پگهارون اڌ ڪرڻ تي ملازمن پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ خطاب ڪندي ٽائون ملازمن گل محمد، اياز احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته ايڊمنسٽيٽر ڪجهه شخصن جي چوڻ تي اسان جون پگهارون اڌ ڪري ڇڏيون آهن، ۽ ڪجهه ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ ڪري ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا آهن، ڊرينيج سسٽم جي صفائي نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي روڊ ۽ رستن تي وهي رهيو آهي جنهن جي ڪري شهري سخت پريشان آهن. هنن مطالبو ڪندي چيو ته جلد از جلد اسان کي پوريون پگهارون ڏنيو وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button