مختصر خبرون

نام نهاد موجوده حڪومت هڪ سنڌي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، محمد علي خشڪ

پريس رليز
جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي مرڪزي باڊي جو اجلاس قاسم آباد ۾ مرڪزي چيئيرمين محمد علي خشڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري حافظ رحيم بخش لکڻ، سارنگڏهوٽ، ڊاڪٽر اختر ابڙو، نويد ڪماريو ۽ نواز بليدي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۽ سيد جلال محمود شاهه جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف لڳندڙ ڌرڻن جي مڪمل حمايت ڪئي وئي، جيئي سنڌ قومي تحريڪ طرفان ڌرڻن ۾ بهرپور طريقي سان شامل ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد علي خشڪ چيو ته نام نهاد موجوده حڪومت هڪ سنڌي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي ته ٻئي طرف سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين کي بنا روڪ ٽوڪ جي نسڌ ۾ داخل ٿيڻ جي ويزا ڏئي ڇڏي آهي جيڪا ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي جيئي سنڌ قومي تحريڪ ان عمل خلاف بهرپور تحريڪ هلائيدي ۽ سنڌ بچايو ڪاميٽي سان گڏجي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button