مورو

مورو ۾ وڌندڙ بد امني، پاڻي جي کوٽ ۽ بي روزگاري خلاف قومي عوامي تحريڪ احتجاجي مظاهرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Qaumi Awami Tahreek (571x412)
جنهنمورو ۾ وڌندڙ بد امني، پاڻي جي کوٽ، بي روزگاري، مهانگائي، ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، تعليم، صحت ۽ ڊرينيج جي تباهي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مورو ۾ قومي عوام تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو ڪري گچيرو روڊ کان هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جو گشت ڪندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتو جتي اڳواڻن ڪارڪنن پاران ڌرڻو هنيو ويو جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ڊويزنل صدر خان محمد سومرو، علي سنگراھ، هدايت سومرو، فقير محمد عالماڻي، عظيم ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو ويو آهي مورو جا روڊ رستا کنڊرات بڻيل آهن هتان جا چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري ڪرپشن ۾ رڌل آهن جڏهن ته مورو شهر ۾ ايتري ته بدماني چوٽ چڙهي وئي آهي جو ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ نه آهن جڏهن ته پوليس محافظ هئڻ جي باوجود دهشتگردي وارو رويو اختيار ڪيو آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪو به قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نه آهي سنڌ سميت مورو ۾ بي روزگاري پڻ عروج تي پهچي چڪي آهي جنهن جي ڪري نوجوان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن هنن وڌيڪ چيو ته هتي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي ۽ ڪجھ ذاتي ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن کي پئسن ۽ سفارش جي عيوض نوڪريون ڏنيون ويون جنهن سان نه صرف سنڌ جي امن امان جي صورتحال تباھ ٿي رهي آهي پر محنت ڪندڙ نوجوان جو حق ماريو ويو آهي جنهن جي ڪري ميرٽ جي سڌي سئين لتاڙ آهي جڏهن ته جن نکي نوڪريون ڏئي ڀرٿي ڪيو ويو آهي انهن مورو جي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڪارڪنن پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بد امني، ڪرپشن، بي روزگاري، پاڻي کوٽ، تعليم صحت ۽ ڊرينيج جي تباهي خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ بک هڙتال ڪري ويهي رهيا جيڪا ٽي ڏينهن جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button