مختصر خبرون

مورو: ڳوٺ پنهل خان مستوئي ۾ ننڍن آبادگارن پاران ليٽ ۽ ابجي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

عبدالوحيد مستوئي، مورو
مورو ڀرسان ڳوٺ پنهل خان مستوئي ۾ ننڍن آبادگارن پاران ليٽ ۽ ابجي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مورو نوان جتوئي روڊ تي علي اصغر مستوئي، سماڻو خان چانڊيو، عبيدالرحمان جتوئي، زبير احمد ڪوريجو، غلام قادر مشوري، محمد قاسم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ليٽ ۽ ابجي شاخ ۾ ڪافي ٽائيم کان پاڻي نه ٿو اچي جنهن جي ڪري اسان جا فصل سڪي تباھ ٿي رهيا آهن ۽ شاخ ۾ پاڻي جي وارا بندي ڪرڻ سان اسان کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي اهو به نه هجڻ جي برابر ڇاڪاڻ ته شاخ ۾ ڇڏيل پاڻي شخ جي تري ۾ مس پهتو آهي جڏهن شاخ ۾ مختلف هنڌن تي غير قانوني نوليون لڳل آهن جنهن جي ڪري اسان وٽ پاڻي نه ٿو پهچي اسان لڳل غير قانوني نولين جي شڪايت ڪئي آهي پر اسان ڪيل شڪايت جو ازالو نه ٿو ڪيو وڃي جنهن جي ڪري اسان جو ڪاهيل فصل سڙي تباھ ٿي ويو آهي ۽ اسان دوڪاندرن وٽان کنيل ڪلر ٻچ ڀاڻ دوا جاپئسا نه ڏئي سگهيا آهيون جڏهن ته پاڻي نه هجڻ ڪري اسان فصل سڙي تباھ ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري اسان کي لکين روپين جو نقصان پئجي ويو آهي هنن حڪومت کان پر زور مطالبو ڪيو ته ليٽ ۽ ابجي شاخ ۾ پاڻي کوٽ جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي اسان ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button