مورو

مورو: ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين شين جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو

مورو: ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين شين جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا
مورو: ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين شين جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا

مورو شهر ۾ رمضان جهڙي ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين پنهنجي شين جا اگھ ٻيڻا ڪري هٿرادو مهانگائي ڪري روزائتن غريب ماڻهن مسڪين ماروئڙن مزدورن ۽ پورهيتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته روزمرھ جي شين سبزين، فروٽ، مشروبات، برف، گوشت، مڇي پلو، مرغي، اٽو، ثموثن ۽ چاٽ وارن پنهنجي شين جا اگھ ٻيڻا ڪري هٿرادو مهانگائي ڪري ماڻهن کي کاڌي پيتي جي شين وٺڻ جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ايتري قدر جو غريب روزائت لاءِ فروٽ گوشت مرغي وٺڻ وڏي ڳالھ آهي پر سبزيون ۽ دال وٺڻ کان به قاصر ٿي ويا آهن تنهن ڪري وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو ۽ سندن ٻچا فاڪا ڪشيءَ جي زندگي گذاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ايتري قدر جو غريب ماڻهن جا ٻچڙا بوٽ پالش ڪرڻ، هوٽلن، گيرجن، پيٽرول پمپن، دوڪانن، ڪارن کي ڌوئڻ ۽ پاٺا ميڙي پنهنجو پيٽ پالين ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ويچارا مسڪين ماڻهو وڌندڙ بک بدحالي بي روزگاري ۽ مهانگائي سبب پنهنجا ٻچا وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏيندي ڏٺا ويا آهن پر مٿين سڀني ڳالهين جي باوجود مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ واريون ذميوار اختيارين وارا ڪڏهن ڀلجي به مهانگائي خلاف سخت قدم نه کنيو آهي ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ شهر ۾ نڪري خانه پوري ڪري پنهنجي جان آجي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهي مهانگائي خلاف چونڊيل نمائندن توڙي سماج جي ٺيڪيدارن ڪڏهن به آواز نه اٿاريو آهي جنهن ڪري وڌندڙ هٿرادو مهانگائي ۾ غريب ماڻهو پيسجي رهيا آهن انهي سلسلي ۾ سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اسان جو ڪو به ڏوھ نه اسان مجبور آهيون اسان کي منڊيءَ مان دلال ٽيڪنڪل طريقي سان سبزيون ۽ فروٽ مهانگو ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته منڊين ۾ دلالن جي هٺڌرمي آهي ۽ جيڪي دلال ڪالھ ڪک پتي هئا اڄ اهي دلال لک پتي بڻجي چڪا آهن جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته رمضان شريف جي با برڪت مهيني ۾ سبزيون مهانگيون ٿيڻ ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۽ اسان سبزيون وٺڻ کان محروم ٿي ويا آهيون ڇاڪاڻ ته سبزين جا ريٽ ايترو وڌائي ڇڏيا آهن جو غريب ماڻهو محنت مزدوري ڪري گهر جو چرخو هلائي يا سبزي وٺي بڄڙن جو پيٽ پالي هنن چيو ته ماڪريٽ ڪاميٽي وارن کي به ڪافي مربته شڪايت ڪئي آهي پر انهن به مهانگائي تي ڪنهن به قسم جو قدم نه کنيو آهي تنهن ڪري غريب ماڻهن کي مهانگيون شيون ۽ هٿرادو مهانگائي ڪرڻ وارا اسان سبزي فروٽ وڪرو ڪندڙ نه پر منڊي وارا دلال آهن جن سان گڏ مارڪيٽ ڪاميٽي وارا پڻ ملوث آهن جن خلاف عدالت، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي کان انڪوائري ڪرائي وڃي ته اصل هٿرادو مهانگائي ڪندڙن ۽ غريب ماڻهن جو رت چوسيندڙن جي خبر پئجي ويندي تنهن ڪري سيشن جج ۽ بين وس وارن کي گهرجي ته مورو شهر ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻي غريب ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button