مختصر خبرون

مورو: پاڪستان مسلم ليگ ن پاران محمد اسماعيل راهو کي سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ جي خوشي ۾ ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
پاڪستان مسلم ليگ ن پاران محمد اسماعيل راهو کي سنڌ جو صدر ۽ نهال هاشمي کي سنڌ جو جنرل سڪيريٽري مقرر ڪرڻ جي خوشي ۾ مورو ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ڪارڪنن محمد اسماعيل ڪورائي، غلام مرتضى آرائين، رميز عباسي، ابراهيم عمراڻي، نثار سيال، سعيد سهتو، منظور تارڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مورو شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪندي مورو مين روڊ تي پهتي جتي اڳواڻن ڪارڪنن دهلن شرنائين تي جهمريون هڻي خوب رقص ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاستان مسلم ليگ ن جي قيادت هميشھ غريب مسڪين ڪارڪن کي اهميت ڏيندي ان کي مٿئين درجي تي آندو آهي هنن چيو اها مسلم ليگ ن آهي جنهن گذريل ڪافي عرصي کان پنهنجي ننڍڙي ڪارڪن جي محنت کي داد ڏينهن ميان محمد نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف صدر ممنون حسين کي پوري پاڪستان جو صدر مقرر ڪري عوام کي ٻڌايو ته اسان جي پارٽي ۾ ڪنهن به تفاق نه آهي اسان جي پارٽي ۾ هڪ ننڍڙو ڪارڪن به ليڊر جي هيثيت رکي ٿو هنن چيو ته اسان پاڪستان مسلم ليگ ن جي قيادت جا شڪر گذار آهيون جن اسماعيل راهو ۽ نهال هاشمي کي سنڌ جي اهم جاءِ تي مقرر ڪيو آهي بعد ۾ اڳواڻن ڪارڪنن دهل شرنائين تي رقص ڪري مٺائي تقسيم ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button