مختصر خبرون

مورو: قمر الدين ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ پير بخش سابقي ۾ زمين جي پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کڻي ورتو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان قمر الدين ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ پير بخش سابقي ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هلندڙ جيهڙي ٻيهر ڪر کڻي ورتو جڏهن ته اڄ پاڻي جي واري تان سابقي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيهر جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ لٺين ڪهاڙين ۽ سِرن جي آزادانه استعمال ٿيڻ سبب ھڪ ڄڻو 45 سالن جو محمد آچر سابقي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏھن ته ٽي ڄڻا پير بخش سابقي،گلشير سابقي، رجب سابقي ۽ علي شير سابقي سخت زخمي ٿي پيا جنهن جو اطلاع حد پوليس کي ڏنو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال آندو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين جي مرهم پتي ڪري داخل ڪيو جڏهن هڪ چڻي پير بخش سابقي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن ڳوٺ ۾ هن واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هٿيار کڻي مورچا بند ٿي ويهي رهيا آهن ان موقعي تي فوت ٿي ويل محمد آچر سابقي جي ڀاءُ جاويد سابقي ٻڌايو ته اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي منهنجو صبح جي وقت پاڻي جي واري تي زمين تي ويو جتي مخالف برادري جي ماڻهن لٺين ڪهاڙين ۽ سِرن جو آزادانه استعمال ڪري منهنجي ڀاءُ کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن بين کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هن چيو ته اسان جي هي جهيڙو ڪافي وقت کان هلندڙ آهي جيڪو وري ٻيهر اڀري پيو آهي هن چيو ته اسان جي زمين تي رحيم سابقي، قربان، عرس، متارو، محبوب، گل شير، علي شير، ڪريم بخش، فضل، حاڪم، غلام مصطفى ۽ ٻيا قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جن اڄ هٿيارن لٺين ڪهاڙين سان حملو ڪري منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪيس پوليس به نه ٿي وٺي نه ئي پوليس اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي هنن چيو ته جيڪڏهن پوليس اسان جي مدد نه ڪئي ۽ هنن تي ايف آءِ آر نه داخل ڪئي ته وڏي خون ريزيٿي سگهي ٿي جنهن جي ذميوار به انتظاميه هوندي جڏهن ته پوليس پاران اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي جڏهن ته انتظاميه ۽ پوليس ھن جھيڙي کي ٽارڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته جاني مالي نقصان جو انديشو آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button