مختصر خبرون

مورو: شاهنواز ڀٽو جي 29 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

عبدالوحيد مستوئي، مورو
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو تعلقه مورو پاران انقلابي سورهيه عوامي جدوجهد جي علامت ڊڪٽيٽر شپ سامهون بهادري سان جدوجهد جي سڃاڻ شهيد ابن شهيد مير مرتضى ڀٽو جو بهادر ڀاءُ بهادر ساٿي ڪامريڊ شهيد شاهنواز ڀٽو جي 29 هين ورسي تقريب تعلقه شهيد ڀٽو آفيس ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي جنهن ۾ ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي جڏهن ته بعد ۾ هڪ تقريب ٿي جنهن ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن ڪارڪنن سميت هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي هن تعزيتي ميڙاڪي کي اڳواڻن خطاب ڪندي محمد عرس چانڊيو، علي گوهر ڪلهوڙو، علي مراد سولنگي، ماجد علي سهتو، مظهر علي عالماڻي، محمد نواز پنهور، بشير احمد کوکر، موجن علي سولنگي، ذيشان علي سولنگي ۽ ٻين چيو ته شهيد شاهنواز ڀٽو حق ۽ سچ سان جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي پر ڪڏهن به ظالم جابر اڳيان پنهنجو سِر نه جهڪايائين ۽ عوام جي حقن خاطر پاڻ پتوڙيو شهيد شاهنواز ڀٽو جي جدوجهد اڄ شهيد مير مرتضى ڀٽو جي وني پارٽي چيئرپرسن خاتون انقلاب محترمه غنوى ڀٽو جي اڳواڻي ۾ لکين ڪارڪن پاءِ تڪميل تي پهچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button