مختصر خبرون

مورو: سڱاوتي تڪرار تان مري برداري جي هٿياربندن گهر ڌڻين کي سخت تشدد ڪري بعد گهر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان ڳوٺ خان محمد مري ۾ سڱاوتي تڪرار تان مري برداري جي هٿياربندن ماڻهن جو فريد مري جي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي گهر ڌڻين کي سخت تشدد ڪري بعد گهر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو جنهن سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو جڏهن متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري فريد مري، وزير مري، شاهنواز مري، صفوران مري، شريفان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مورو وايا نوان جتوئي روڊ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو پاڻ ۾ مري برداري سڱاوتي جهيڙو هلندڙ آهي جنهن تي اڄ مخالف ڌر جي ماڻهن فريد، مريد، عبدالحڪيم، ملازم مري ۽ طاهر مري هٿيارن جي زور تي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري اسان جي گهر کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن جي ڪري اسان جي گهر ۾ پيل سمورو سامان ۽ ڪڻڪ پڻ سڙي رک جو ڍير بڻجي وئي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته مخالف ڌر جي ماڻهن بلا جواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري گهر کي باھ ڏني وئي هنن اعلى حڪام، چيف جسٽس آف پاڪستان، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي مورو کان مطالبو ڪيو ته اسان جي گهر تي هٿيارن سان چڙهائي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري انهن سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته بي صورت ۾ اسان پنهنجي ٻارڙن عورتن سميت احتجاج کي وسيع ڪري باھ ڏئي ساڙينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button