مورو

مورو: سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان دادو مورو باءِ پاس تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڌرڻي جون تياريون مڪمل

عبدالوحيد مستوئي، مورو

مورو: سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان دادو مورو باءِ پاس تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڌرڻي جون تياريون مڪمل
مورو: سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان دادو مورو باءِ پاس تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڌرڻي جون تياريون مڪمل

مورو ۾ سڀاڻي لڳندڙ سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان دادو مورو باءِ پاس تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڌرڻي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڌرڻي واري ٻنهي طرفن کان وڏا وڏا بينر پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جهنڊا پڻ لڳايا ويا آهن ۽ ڌرڻي واري هنڌ تنبو لڳايو ويو جتي پارٽي اڳواڻ ڪارڪن ڌرڻو هڻي ويهندا ان سلسلي ۾ مورو شهر جي مين روڊ تي هڪ ڪئمپ پڻ لڳائي وئي آهي جتي ايندڙ ويندڙ ماڻهن مسافرن کي دعوت پڻ ڏني پئي وڃي جڏهن مختلف پارٽي اڳواڻن پاران ڳوٺن ۾ وڃي دعوت ناما ڏنا ويا آهن ان سلسلي م جست ي اشرف لغاري، شاهنواز ڀٽي، ابرار ميمڻ، احساب چانديو، پريم سنڌ، ايس يو پي جي اسلم ڪوريجو، غلام حسين جويو، ديشي عبدالوحيد، جسقم جي اڪرم چانڊيو، ياسين ملاح، امين ڪلهوڙو، جگديش ڪمار، جسم جي علي گل شاھ، اياز علي، جسقم آريسر جي آچر لنڊ، وقار سيال، ڀيرو مل، جسام جي اياز ملاح سميت بين مختلف ڳوٺن ۾ وڃي بردارين جي چڱن مڙسن کي ڌرڻ ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ وانا وزيرستان ۾ آپريشن ڪري پٺاڻن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي جنهن کي اسان هر گز قبول نه ڪنداسين جنهن جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button