مختصر خبرون

مورو: رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ کليل هوٽلن خلاف مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا

عبدالوحيد مستوئي،مورو
وقتي جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو پرديپ ڪمار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ زيدي ڊي ايس پي مورو محمد ايوب هاليپوٽو ايس ايڇ او مورو شهاب اڪبر ڪولاچي ڪورٽ ۽ روينيو عملو ۽ پوليس نفري ساڻ ڪري مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ کليل هوٽلن خلاف مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي مختلف هوٽلن مٿان ويھ هزار ڏنڊ وجهي بروقت وصول ڪيو انهي موقعي تي جوڊيشنل مئجسٽريٽ پرديپ ڪمار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ زيدي هوٽل وارن کي سخت تنبيھ ڪندي چيو ته هو ماھ رمضان جهڙي ڀلاري مهيني جو احترام ڪن ۽ پنهنجيون هوٽلون بند رکن ٻي صورت ۾ جيڪڏهن آئينده هوٽلون کليل ڏٺيون ويون ته سندن خلاف ڏنڊ هڻڻ سميت سندن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ماھ رمضان آرڊيننس تحت سخت سزائون ڏنيون وينديون تنهن ڪري هوٽلون کولڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ماھ احترام نه ڪندڙ سزا ۽ جزا لاءِ تيار رهن. جڏهن ته ان موقعي تي صحافي وحيد رزاق مستوئي جاني جماڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button