مورو

مورو: دادو مورو پل تي نوجوان سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،مورو.
10462743_794815123892256_8448276699182674533_nمورو ڀرسان دادو مورو پل تي نوجوان سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته نوجوان خودڪشي کان اڳ ۾ پنهنجي قميص جيڪا آسماني رنگ جي هئي اها لاهي اڇلي جنهن ۾ لکت وارو پنو به ڏسڻ ۾ آيو جڏهن نوجوان درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ته اهو پنو به هوا ۾ اڏري درياءَ ڏانهن هليو ويو جنهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان ڪير ۽ ڪٿان جو هيو ۽ ڪهڙي ڪارڻ جي ڪري اهڙو عمل ڪيائين جنهن جو اطلاع حد پوليس کي پڻ مليو جيڪا نوجوان جي مليل قميص ته کڻي وئي پر وڌيڪ ڪو به تحرڪ نه ورتو جيئن درياءَ ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش ڪڍرائي سگهي پوليس جي ايڏي بي حسي تي مقامي ماڻهو افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button