مختصر خبرون

مورو: جيئي سنڌ تحريڪ مورو طرفان جست جي ڪارڪن بلاول تي پولیس پاران تشدد خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
جيئي سنڌ تحريڪ مورو طرفان جست جي ڪارڪن بلاول تي اي ايس آءِ عمر سهتي پاران بلا جواز تشدد ڪرڻ جي خلاف شاهنواز ڀٽي، احساب چانديو، عابد علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ريلي مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي جتي ڪارڪنن پاران ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پوليس سنڌي ماڻهن جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي پورهيت بلاول چانديو کان رشوت نه ڏيڻ جي ڪري تشدد ڪيو ويو ۽ ان کان 27.000 هزار روپيا پڻ ڦر ڪئي وئي جنهن جي خلاف ڪورٽ سڳوري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي جيڪا پوليس پاران نه ٿي ڪٽي وڃي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو احتجاج انصاف ملڻ تائين جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button