آرٽيڪل

مسئلن جي ور چڙهيل سنڌي سماج ۽ تبديلي جو خواب

انجنيئر سعيد ڀنڀرو
Saeed Bhanbhroهتي سڀ ڪجھ ساڳيو ئي رهندو، ڪجھ به ته تبديل نه ٿيندو، ڪيترن ئي سالن کان ڪجھ به ته ناهي بدليو فقط حڪومتون اچن ۽ وڃن ٿيون پر مسئلا اتي جو اتي. شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سبب ڪيترائي جنازا کڄندا ٿا رهن، ڳوٺن ۾ معصوم ٻار اغوائن ۽ ڏاڍاين جا شڪار ٿيندا ٿا رهن. هتي ڪرپشن لکين خاندانن کي دربدر ڪندي رهي آهي، ارڙي ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون کالي ڪندي رهي آهي. هتي تعليم جي نالي تي تباهي ۽ روزگار جي نالي تي ميرٽ جي لتاڙ آهي، هتي پوليس بي گناهن کي ٻڌندي رهندي. سرڪاري آفيسرن جي کلي عام رشوت ۽ ڪرپشن جو راڄ ڏسي ته ماٺ رهنداسين پر برادرين جي نالي تي رت وهائڻ ۾ دير نه ڪنداسين. روز اخبارن ۾ پڙهون ٿا اغوا، ڦرن ۽ ڌاڙن جون خبرون، عورتن ، معصوم ٻارن ۽ پيرسن ماڻهن مٿان ٿيندڙ ظلم جا سوين داستان ۽ پڙهي ڪجھ منٽن اندر وساري ٿا ڇڏيون ايئن ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هجي …..!!!
اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي ڪو پڙهيل لکيل نوجوان ته روڊن تي بيهي بوٽ پالش ٿو ڪري پر اڻ پڙهيل ۽ جاهل وڏيري جو پٽ ايوانن ۾ ويهي اسان جي تقدير جا فيصلا ٿو ڪري. اسان وٽ تعيلم جي بدتري جي صورتحال اها آهي جو انوجليٽر خود شاگردن کي ڪاپي ٿا ڪراين. اها سنڌ جيڪا ڪنهن وقت ۾ صوفين جي سرزمين سڏبي هئي هن وقت اتي مندرن ۽ چرچن کي ساڙيو ٿو وڃي. ۽ مندرن کي ساڙڻ کان پوءِ انتهاپسند اسلام زنده آباد جا نعرا ٿا هڻن. واه ڙي واه. ڇا هي سڀ مسئلا اسان جي نصيب جو حصو آهن ؟؟ هرگذ نه اسان انهن سڀني مسئلن جا خالق پاڻ آهيون. اسان خاموش هوندا آهيون، انڊيا جي شهر دهلي ۾ جڏهن هڪ ڇوڪري سان زيادتي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪيو ويو ته ان وقت سڄو هندستان جاڳي پيو ۽ ايتريقدر جو سرڪار به گوڏا کوڻڻ تي مجبور ٿي وئي. پر اسان وٽ ته اهڙا واقعا روز ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪا مقدس زيادتي جو نشانو بڻجندي آهي ته ڪڏهن ڪي وحشي ڪنهن شبنم کي زيادتي جو نشانو بڻائيندا آهن. اسان انهن سڀني شين جا عادي بڻجي چڪا آهيون. اسان ته وڏيرن ۽ پيرن جي غلامي ۾ ايئن ڦاٿل آهيون جو رشتن ڪرڻ کان ٻارن جي تعليم تائين انهن کان صلاح وٺڻ ضروري سمجهندا آهيون.
ڇا مٿي بيان ڪيل سڀ ڳالهيون اسان جي سسٽم کي ناڪارا قرار ڏيڻ لاءِ ڪافي ناهن؟؟ ڇا اسان اڃان به جهالت جي اونداهي ۾ سڙندا رهنداسين ؟؟ نه، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اٿجي، جدوجهد ڪجي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف. انهن سڀني مسئلن جو حل آهي تبديلي. ليو ٽالسٽاءِ جو قول آهي سڀڪو دنيا کي بدلائڻ جي ڳالھ ڪندو آهي پر ڪو به پاڻ کي ناهي بدلائيندو. تبديلي صرف نظام جي تبديلي نه هجڻ کپي، تبديلي جي شروعات هميشه پاڻ کان ٿيندي آهي، پهنجي ان سوچ کي بدلائڻ جي ضرورت آهي جيڪا هتان جي پيرن ۽ وڏيرن جي غلام آهي. آمريڪا جي انقلابي اڳواڻ مارٽن لوٿر جو چوڻ آهي ته مان سماج ۾ موجود درنده صفت ماڻهن جي درندگي تي حيران ناهيان پر مونکي مهذب ۽ باضمير ماڻهن جي خاموشي زهر لڳي ٿي. اسان جا پير مير يا وڏيرا ڪڏهن به تبديلي پسندن جي جدو جهد جو حصو نه بڻجندا. ڇاڪاڻ ته اهي اسان تي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تي حڪمراني ڪرڻ گهرن ٿا، ۽ اگر تبدلي اچي وئي ته هنن جي حڪمراني ختم ٿي ويندي، هنن جي پيري مريدي وارو سسٽم ختم ٿي ويندي. تبديلي ڇو ضروري آهي ان لاءِ اسان مٿي بيان ڪري چڪا آهيون، هاڻي اچو ته ڏسون تبديلي ڪير ۽ ڇو ٿو چاهي ۽ تبديلي جا مخالف ڪير آهن.
تبديلي جا حامي ۽ مخالف ڪير آهن ؛؛؛؛
يقينن پڙهيل لکيل ، نوجوان ۽ مڊل ڪلاس طبقو تبديلي چاهي ٿو. ميرٽ جو قتل عام ختم ٿئي، اغوا ڦرن ۽ ڌاڙن وارو ڪلچر ختم ٿئي. بيروزگاري، مهنگائي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو اچي. ، هڪ اهڙي پرليامينٽ جڙي جتي جاهل وڏيرن جي اولاد بجاءِ پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس جو ماڻهو اسان جي تقدير جا فيصلا ڪري. تبديلي جا مخالف يقينن هتان جا وڏيرا ۽ ڀوتار آهن، جيڪي ڪڏهن به نه چاهيندا ته هنن جي بي تاج بادشاهي ختم ٿئي، پير مريدي وارو سسٽم ختم ٿئي.انڪري هتان جا ڀوتار ڪڏهن به تبديلي پسندن سان گڏ نه بيهندا.
تبدلي اچڻ کپي ان نظام جي تبدلي جنهن موجب ڪو پڙهيل لکيل نوجوان ايوان ۾ نه پڄي سگهي، ان نظام جي تبديلي جنهن موجب صرف پيرن ۽ وڏيرن جا پٽ قوم جي تقدير جا فيصلا ڪن. تبديلي ان سسٽم جي جتي رشوت کان سوءِ نوڪري نه ملي ۽ سفارش کان سواءِ پيپر پاس نه ٿين. ان نظام جي تبديلي جتي غريبَ ته ٿاڻن ۾ ٻڌجن پر اميرن جا پٽ آواراگردي ڪرڻ باوجود آزاد گهمندا وتن. ان نظام جي تبديلي جنهن ۾ غريب جو ٻار ته ٻن ويلن جي ماني لاءِ سڪي پر اميرن جي ميزن تي طرحين طعام اچن. ان نظام کي بدلائڻو آهي.
نتيجو؛؛ اسانجي ڏٿڙيل سماج ۾ تبديلي جي اشد ضرورت آهي، اسان سڀني کي گڏجي تبديلي جي لاءِ هڪ پليٽفارم تي گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي، ته جيئن هن جاگيردارن جي فرسوده نظام مان جند ڇڏائي سگهون. آخر ۾ هن قول سان اختتام ڪجي ٿو ته نظام تڏهن ناڪاره ٿي ويندو آهي جڏهن قابل ماڻهن وٽ اختيار نه هجي ۽ اختيار وارن وٽ قابليت.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button