آرٽيڪل

ماحولياتي گدلاڻ ۽ انسان جو مسئلو

ايوب شان خاصخيلي

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
ماحولياتي گدلاڻ هاني هر معاشري ۽ سوسائٽي جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، انهيءَ کان نه صرف اسان جو گهر، پاڙو، سماج، بلڪه نباتات، جاندار، سمنڊ، تلاءُ، درياءَ، ڍنڍون، جبل ۽ فلڪ تائين متاثر ٿي رهيا آهن ۽ انهيءَ سبب ڪري غربت ۽ معاشي پريشاني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن جو مثال ذهني بيماريون، گهريلو ۽ معاشرتي جهيڙا، چوريون، لٽ مار، خودڪشيون، پنهنجي معصوم ٻارڙن کي سال به سال لاءِ پئسن تي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ يا وڪڻڻ وغيره شامل آهي.
سچ پچ انسان تمام وڏيون غلطيون پيو ڪري، هو ماحوليات سان هٿ چراند ڪري هن پوري ڪائنات جي وجود کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي، تمر جي ٻيلن جي غير قانوني واڍي، هر قسم جي گندي فضلي کي سمنڊ، دريائن ۾ وهائڻ، شهري سيوريج سان گڏ گند جا ڍير دريائن ۽سمنڊ ڪناري اڇلڻ جو عمل ڪرڻ، سامونڊي ڪنارا مٽيءَ جي ڀرائي سان قبضي ۾ آڻي انهن کي غير مقامي ۽ ماحول دشمن انسانن سان وڪرو ڪرڻ، ساحلي قيمتي زمين تي قبضا ڪرڻ جو ڪڌو ڪم ڪري رهيو آهي.
سامونڊي ايڪو سسٽم ۾ آبي حيات سان گڏ ٻيٽن جو پڻ تمام وڏو ڪردار آهي، پر رياستي ادارا انهن ٻيٽن کي ڦٻائي غير ملڪي ادارن کي وڪرو ڪرڻ جا معاهدا ڪريو ويٺا آهن، جنهن جو مثال ايمار ڪمپني وٽ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ اسان جي سامهون آهي، جنهن لاءِ پڻ پاڪستان فشر فوڪ فورم ڀرپور مهم هلائي، انهن ٻيٽن تي تعمير روڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي. 1990 ۽ 1997 ۾ پاڪستان حڪومت پڻ ماحوليات جي بچاءُ بابت قانون جوڙيا، پر انهن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي. 1992 ۾ برازيل ۾ پڻ ماحوليات بابت عالمي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ دنيا جي ملڪن حصو ورتو ۽ بين الاقوامي معاهدا ٿيا ۽ موسمي تبديلي بابت ٺاهيل ڪنوينشن تي پاڪستان حڪومت جي پڻ صحيح ٿيل آهي.
دنيا ۾ ٻيٽن وارن ملڪن ۾ 6 ڪروڙ 30 لک ماڻهو رهن ٿا، اهي خاص طور سمنڊ جي چاڙهه واري مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، آبادي ۾ واڌ ۽ صنعتن ۾ مسلسل اضافي سبب صورتحال انتهائي خراب ٿي رهي آهي. ٻيٽن واري ملڪن ۾ 1972 کان ماحوليات جو ڏينهن ملهائيندا رهيا آهن، هن سال بارباڊوس ۾ گڏيل طور اهو ڏينهن ملهايو ويو، جتي اسڪولي ٻارڙن ۽ شهرين گرين شرٽس پائي، سائي رنگ جا ربن ٻڌا، ٻوٽا پوکيا ويا، گلوبل وارمنگ ۽ سامونڊي چاڙهه بات ڄاڻ ڏئي ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪيو ويو.
دنيا جي آبادي هن وقت ساڍا 7 ارب آهي ۽ 2050 تائين اها آبادي 9 ارب ٿي ويندي، آبادي ۾ مسلسل واڌ سان به آلودگي جا مسئلا ۽ هن دنيا ۾ رهندڙ انسانن لاءِ خطره وڌي رهيا آهن. گندگي پکيڙڻ جي خطرن ۽ تباهين کان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، پلاسٽڪ بيگ، ڪوس گهرن جو رت، فضلو، چوپائي مال جو ڇيڻو، فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ زهريلو مواد، نالين ذريعي گٽرن کي سمنڊ ۾ وهائڻ جهڙو ٻيو ڪهڙو آزار ٿي سگهي ٿو.
اسان پنهنجي زندگي ۾ ئي ڏسي رهيا آهيون ته بي مندائتا مينهن وسي رهيا آهن، ٻوڏون ۽ طوفان اسان جي اڳيان تباهي پيا پهچائين، ماحول ۾ گرمي جي شدت سبب گليشيئر ڳري ٻوڏن جي شڪل ۾ نقصان جو سبب ٿا بڻجن، اسان کي هاڻي پنهنجي روين کي درست ڪري اجاين خواهشن کي ٻنجو ڏيڻو پوندو، فطرت جي صدين کان رائج قانون کي نظرانداز ڪري اسان پنهنجي کان انڪاري ٿي وينداسين.
ڪجهه ملڪ خاص ڪري پاڪستان بجلي ۽ انرجي جي کپت لاءِ ڪوئلي تي پاور پلانٽ ٺاهڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي، جيڪا پڻ انساني صحت ۽ ماحول کي ختم ڪرڻ ۾ آخري ڪيل ڪوڪو ثابت ٿيندي.
ساٿيو! اچو ته ماحول دشمن سرگرمين کان پاسو ڪريون ۽ ماحول دوست سرگرمين جي آغاز ۾ هاڻي وڌيڪ دير نه ڪريون، وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳايون، درياءَ، سمنڊ ۽ ڍنڍن ۾ زهريلو ۽ گدلو پاڻي ڇڏڻ جو رواج ختم ڪريون، حڪومتي ادارن کي مجبور ڪريون ته آلوده پاڻي کي ٽريٽمنٽ ڪري پوءِ سمنڊ يا درياءُ ۾ ڇڏين، تعليمي ادارن ۾ ڪوس طور ماحوليات جي اهميت بابت پڙهايو ۽ سيکاريو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button