آرٽيڪل

فلسطين جي عوام مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ عالمي طاقتن جي خاموشي

معشوق علي سومرو
israel-palestine (640x361)
اسرائيلي حڪومت فلسطيني شهرين مٿان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، وحشياڻي بمباري ڪري 700 کان وڌيڪ بيگناهه فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ اڪثريت ٻارڙن جي آهي، 20 هزار کان مٿي عوام زخمي آهي، جڏهن ته لکين ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن، جن وٽ پاڻ کي لڪائڻ لاءِ ڇت به نه آهي، ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن. اسرائيلين پاران فلسطيني نوجوان ابو خضر مٿان تشدد ڪري کيس باھه ۾ ساڙي ڇڏڻ واري واقعي کان پوءِ اسرائيل جي هن خوني حملن تي سموريون عالمي طاقتون ته خاموش آهن پر مسلم ملڪ به اکين تي پٽي ٻڌي ڪنن ۾ ڪپھه جو پهو پيل چپ سِبيل نظر اچي رهيا آهن ۽ اسرائيل پنهنجي ظلمن ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي واڌ ڪندي نظر اچي پيو فلسطين جا نوجوان 60 سالن کان اسرائيل جي ظلمن جو شڪار آهن جيڪو دنيا جي 7 ائٽمي ملڪن منجھان هڪ آهي اهو ئي سبب آهي جو عرب ملڪ کائنس خوفائتا آهن هي عرب ملڪ ڏسجي ته پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ جھادي تنظيمن کي ته وجود ڏيارين ٿا ۽ انهن جي مالي مدد پڻ ڪن ٿا جيڪي مخالف گروه خلاف ڪاروايون ڪري مخالفن جون سسيون ته تيز دهار خنجرن سان لاهين ٿا قطار ۾ بيهاري کين بيدردي سان گولين جڳ خاڄ ته بڻائين ٿا پر اهي جھادي اسرائيل جي ظلمن تي خاموش آهن ۽ اسرائيل خلاف ڪوبه جھاد ڪرڻ جي جرئت نه ڪري رهيا آهن نه وري عرب ملڪ ڪا ٻڙڪ ٻولي آهي اهڙي صورتحال ۾ اسرائيل رهزن حيوان جيان ڊوڙندو رهي ٿو. فلسطين جا مظلوم ماڻهوءُ مسلسل ڏاڍ ۽ جبر هيٺ زندگي گذارين ٿا اسرائيل جا هي حملا جن کي 15 کان مٿي ڏهاڙا گذري چڪا آهن اطلاع آهن ته مصر جنگ بندي لاءِ اڳڀرو ٿيو آهي ۽اسرائيل کان اهڙي اپيل به ڪئي آهي اسرائيل اڳ به مصر جي اپيل تي فائربندي ڪندو رهيو آهي هوڏانهن اسرائيل پاران فائر بندي تي راضي ٿيڻ وارين خبرن کي حماس مسخري سمجھي ٿو ڏسجي ته هن لڙائي دوران حماس اسرائيل مٿان 1200 حملا ڪيا آهن پر سواءِ هڪ اسرائيلي جي مارجڻ جي ٻيو ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي جڏهن ته وڏو نقصان وري به فلسطيني عوام جو ٿيو آهي هن سڄي صورتحال ۾ هڪ دفعو ٻيهر فلسطيني عوام کي اڪيلو ڏٺو ويو آهي حماس جنهن کي اڪثر ايران نواز تنظيم چيو ويندو آهي ۽ ان ۾ شڪ به ناهي ته ڪو ايران حماس جي حمايت نه ڪندو آهي اهوئي سبب آهي جو اسرائيل جا حمائتي ملڪ ايران کان خائف آهن ٻيو ته اسرائيل توڙي اسرائيل حمائتي ملڪ ايران جي اثر رسوخ کي ختم ڪرڻ لاءِ ايران خلاف عربن ۾ نفرت جي باھه پکيڙي آهي ان جا چٽا ثبوت به دنيا کي مليا آهن اسلام۽ جھاد جي نالي تي القائده ۽ طالبان جي مالي توڙي هٿيارن جي مدد عرب بادشاھه ڪري رهيا آهن هي سڀ مسلمان ۽ عرب ملڪ گڏجي فلسطين جي مدد ڪن ته اسرائيل کي پنهنجن ظلمن جو ڀرپور جواب ملي سگھي. پاڪستان سميت اڪثر مسلمان ملڪ مذهبي انتهاءَ پسندن جي ور چڙهيل آهن جيڪي انهن ملڪن جي حڪومتن ۽ هٿياربند فورسز لاءِ چئلينج بڻيل آهن ۽ اهڙي صورتحال کي پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي تنهن ڪري دهشتگردن خلاف ضربِ عضب آپريشن ڪرڻو پئجي رهيو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسرائيل غزا تي ڪابه ڪارروائي خطي ۾ موجود پنهنجي دوستن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ نه ڪئي آهي. ان جو هڪ مثال حسني مبارڪ آهي، جنهن جي حڪومتي دور ۾ اسرائيلي آپريشن دوران هميشه غزا ڪراسنگ کي بند ڪيو ويو آهي، ان بندش جتي حماس کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪيو اتي غزا جي گهيريل ماڻهن کي به اذيتن جو شڪار ڪيو، فلسطينين جي ان پٽي ۾ خوراڪ ۽ دوائون جي پهچڻ لاءِ ڪوبه رستو باقي نه بچيو ، حالانڪه هي هڪ تمام حساس معاملو آهي ڇو ته بي ڏوھ ماڻهن کي ڪٺو پيو وڃي. صورتحال تڏهن وڌيڪ ڪشيده ٿي وڃي ٿي جڏهن حماس جوابي ڪاروائي جو اعلان ڪيو، اسرائيل جي ڀرسان وارن شهرن تي راڪيٽن ذريعي بمباري ڪئي وئي، هوڏانهن وري عراق ۾ وجود رکندڙ انتهاپسند تنظيم داعش به اسرائيل کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته آمريڪا ، برطانيه سميت دنيا جي مهذب ملڪن ۽ گڏيل قومن کي اڳتي اچي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن وڌيڪ انساني جانين جو ضيان نه ٿئي گذريل 15 ڏينهن کان جاري بي لغام اسرائيلي فوج جي ڪارروائين ۾ شهيدن جو انگ 700 ٿي ويو آهي جڏهن ته حماس جي جوابي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 2 يهودي فوجي مارجي ويا. غزه تي اسرائيلي فضائي ۽ زميني ڪارروائيون جاري آهن. اسرائيلي فوج جي تازن حملن ۾ وڌيڪ 13 فلسطيني شهيد ٿي ويا. 8 جولاءِ کان جاري اسرائيلي حملن ۾ وڏي انگ ۾ فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن، گڏيل قومن موجب هڪ لک کان وڌيڪ فلسطيني پناهگير ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. ٻئي طرف گڏيل عرب امارات غزه ۾ تباهه ٿيل گهرن جي نئين سر اڏاوت لاءِ چار ڪروڙ 10 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري به غزه لاءِ 47 ملين ڊالرز امداد جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ترڪي فلسطينين جي وڏي انگ ۾ شهادت تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. اسان جي نظر ۾ اها ڳالهه به آهي ته اگر سڀئي مسلمان ملڪ ملي ڪري هڪ آواز بڻجن تي هر ان دشمن کي ان جي حملي جو جواب ملي سگهندو. هاڻي ضرورت آهي ته هڪ مظلوم، جي مدد ڪئي وڃي ان ڏکئي وقت ۾ ان جو ساٿ ڏنو وڃي پاڪستان ۽ ٻين مسلمان ملڪن کي گهرجي تي زخمين ۽ بک ڪاٽيندڙن لاءِ ڪو امداد جو بندوبست ڪيو وڃي. پاڪستان جي حڪومت ۽ فوج کي گهرجي ته ڪجهه اهم قدم کڻي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button