آرٽيڪل

عمران خان جو 14 آگسٽ وارو اعلان ۽ نواز حڪومت….

عاشق علي سومرو
Imran Khan (640x390)
اسان جي ملڪ ۾ وڏو هنگامو برپا آهي اسان جي سياسي ليڊر اهو چاهن ٿا ته هتان جي عوام کي جيئڻ ئي نه گهرجي، اهڙي ڪيفيت ۾ وري ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ٿا ڇڏين. ماڻهو ڪن به ڇا! کين لٽيو ۽ ڦريو ٿو وڃي، مايوسيءَ جو اٿاهه سمنڊ اسان جي سامهون آهي. ملڪ ته گروي آهي ئي آهي پر عام ماڻهوءَ کي به هن گروي ٿيل ملڪ ۾ سُک جو ساهه کڻڻ جي اجازت ناهي. پاڪستان جي سياست هتان جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هر روز نوان نوان مسئلا، هن ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو. ڪا به سياسي پارٽي هتان جي عوام سان سچائي نٿي ڪري، هر ڪو پنهنجو پيٽ ڀري هليووڃي ٿو، ڪڏهن لاهور ۾ گلو بٽ جهڙا شودا پيدا ڪيا وڃن ٿا، ته ڪڏهن ڪراچي ۽ پشاور ۾ دهشتگردي جا واقعا پيش اچن ٿا. هتان جي عوام کي نه بجلي آهي نه پاڻي، مهنگائي ته چوٽ چڙهيل آهي، نوجوان نسل بيروزگاري سبب بک ۽ بدحالي مان تنگ ٿي ڪري خود ڪشيون ڪري رهيو آهي. هتي انساني جانين جو ڪو به قدر نه آهي. هر ڪو پنهنجي نفسا نفسي ۾ لڳو پيو آهي. اسان جي عوام جي وڏي ۾ وڏي غلطي اها آهي ته اسان اهڙن سياسي ليڊرن کي ووٽ ڏيون ٿا جيڪي اسان جا قاتل آهن. پر هتان جو عوام به آخر ڇا ڪري، تازو عمران خان 14 آگسٽ تي لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان ٻيهر حڪومت جي مٿي ۾ سور پوڻ شروع ٿي ويو آهي. عمران خان هميشه سونامي جون ڳالهيون ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪندو رهندو آهي، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نوجوان نئين پاڪستان لاءِ هينئر کان ئي تياري شروع ڪن. وزيرستان جي ماڻهن سان آخري ڏينهن تائين آهيون، بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته نواز شريف ٻڌائي ته ڇا اسان جي جلسن جي ڪري مهانگائي، بيروزگاري ۽ لوڊشيڊنگ وڌي آهي. ميان صاحب آءِ ڊي پيز جي معاملي تي سياست نه ڪري، جڏهن تصوير ڇڪرائڻ جو موقعو آيو ته آئون پاڻ نوازشريف کي دعوت ڏيندس. هن چيو ته منهنجي اڄوڪي اعلان کانپوءِ مون کي ميان صاحب جي ڳڻتي آهي، باربار وارا وٺڻ وارا ٻڌائن ،ڇا ٿاڻن ۾ انصاف مليو، تعليم ۽ صحت ۾ ڪهڙو سڌارو آيو. سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن کي چوان ٿو ته آءِ ڊي پيز لاءِ دروازو کولين. لاهور ۾ پوليس جهڙي نموني ڪارروائي ڪئي ڇا هاڻي ان پوليس تي ڪنهن کي اعتبار رهيو آهي، پوليس غريبن جا دڪان لٽيا، اها آهي پنجاب پوليس، جيڪا توهان پالي آهي. هن چيو ته ڪهڙي جمهوريت ۾ هڪ ڀاءُ وزيراعظم، ٻيو وڏو وزير، ڀائيٽو ڊپٽي چيف منسٽر، ڌيءَ 100 ارب رپين واري پروگرام جي چيئرپرسن بڻائي وئي. نواز شريف جي دولت وڌي رهي آهي. هن چيو ته اسان ڌانڌلي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ميان صاحب چوي ٿو ته جمهوريت ڊي ريل ٿي ويندي، اسان چئون ٿا ته جمهوريت نه پر مافيا ڊي ريل ٿي ويندا. حامد زمان جي تڪ ۾ هڪ لک 50 هزار ووٽن مان 25 هزار ووٽن جي تصديق ٿي، جهانگير ترين جي تڪ تان 40 هزار ووٽ جعلي هئا. اسان اعلان ڪيون ٿا ته اسان هن اليڪشن کي قبول نٿا ڪريون. سندن ريٽائرڊ جج لاهور ۾ ڪئمپ ٺاهي رکي هئي. هن 11 لڳي 20 منٽن تي نواز شريف جي وڪٽري تقرير ڪرائي ڇڏي. يو اين ڊي پي جي ڊيٽا آفيسرن جا ڪمپيوٽر بند ڪرايا ويا. ڌانڌلي اتان کان شروع ٿي، ميان صاحب چار تڪ کولڻ جو وقت اچي ويو، ن ليگ حڪومت کي هڪ مهيني جو وقت ڏيان ٿو، مطالبا پورا نه ٿيا ته ٻڌائينداسين ته اسان ڇا ڪنداسين. تقرير ڪرائيندڙن ۾ ڪهڙا ماڻهو شامل هئا. چونڊن۾ جسٽس (ر) چوڌري افتخار جو ڪهڙو رول هو، نگران حڪومت جو ڪهڙو ڪردار هو. توهان جي ضمير جي قيمت پنهنجي پٽ کي بلوچستان انويسٽمينٽ بورڊ جي چيئرمين شپ هئي، چيف جسٽس کي ڪيڙا پون، جنهن 35 پنڪچر لڳايا، ان کي پي سي بي جو چيئرمين بڻايو ويو. 90 تڪن ۾ رٽرننگ آفيسرن لسٽون ڪيئن تبديل ڪيون، مطالبا تسليم نه ٿيا ته 14 آگسٽ تي اسلام آباد ڏانهن سونامي مارچ ٿيندو. گهٽ ۾ گهٽ 10 لک ماڻهو گڏ ڪنداسين. پنجاب پوليس روڪيو ته آئون پنهنجي هٿن سان انهن اهلڪارن کي ڦاهي ڏيندس. سڀني جماعتن کي دعوت ڏينداسين. اليڪشن ڪميشن استعيفيٰ ڏئي، اهڙيون ڳالهيون عمران خان پنهنجي تقرير ۾ ڪندو ته ڇا نواز جا حامي چپ چاپ ڪري ويهي رهندا، هتان جي عوام کي اهي سبب سياسي اڳواڻ ملي جلي ڪري بيوقوف بڻائي رهيا آهن. حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ سياسي ليڊرن جي سوالن جي جواب ۾ مصروف آهي، صرف ۽ صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر هر ڪو هڪ ٻئي جي پٺيان لڳو پيو آهي، ٻئي طرف ڊاڪٽر طاهر القادري چوڌري شجاعت حسين ۽ عمران خان سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري 14 آگسٽ واري مارچ ۾ عمران خان جو ساٿ ڏيڻ جو به چيو ويو آهي. ٽئي اڳواڻ ون پوانٽ ايجنڊا تي متفق آهن ته وفاقي حڪومت خلاف وڏي پئماني تي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، جنهن جي شروعات ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي جلسا منعقد ڪيا وينداا. ٽنهي اڳواڻن جي ملڻ کان پوءِ حڪومت وقتي طور تي ڦڙڦوٽ جو شڪار ٿيندي نظر آئي هئي، ليڪن هاڻ اهي اطلاع ملي رهيا آهن ته حڪومت پاران عمران خان کي لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ لاءِ پردي جي پٺيان جيڪي ڪوششون هلندڙ هيون، تنهن ۾ حڪومت ڳچ جيتري ڪامياب ٿيندي نظر آئي آهي ۽ عمران خان انهي لانگ مارچ کي ملتوي ڪرڻ ۽ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي. عمران خان لانگ مارچ واري اعلان کان اڳ پنهنجي هر جلسي ۾ مسلم ليگ(ن) جي حڪومت تي اهي الزام لڳائيندو رهيو هو ته موجوده حڪومت ڌانڌلين جي پيداوار آهي ۽ اها وڏي پيماني ڪيل ڌانڌلين جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي آهي. اهڙي ريت هن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ۽ اليڪشن ڪميشن کي پڻ ذميوار قرار ڏيندي اهو الزام لڳايو هو ته اهي به ڌانڌليون ڪرائڻ ۾ نواز ليگ سان ٻٽ ٻڌل هئا، ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي ۽ موجوده اليڪشن ڪميشن کي ٽوڙيو وڃي. جڏهن ته بهاولپور واري جلسي ۾ هن حڪومت آڏو جيڪي 4 سوال رکيا جنهن لاءِ هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب نه ڏنا ويا ته پوءِ هو اسلام آباد طرف هر صورت ۾ لانگ مارچ ڪندو ۽ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرائي ساهه پٽيندو .جڏهن ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ٿورن ئي ڏينهن اندر جواب ڏ يئي ڇڏيا، جنهن کانپوءِ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته عمران خان هاڻ پنهنجن مطالبن تان آهستي آهستي هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ وارو مطالبو ورجائڻ نه رڳو ڇڏي ڏنو هو پر تازو جڏهن نئين وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي عهدي جو قسم کنيو، تڏهن به عمران خان يا سندس پارٽي طرفان ڪو به رد عمل سامهون نه آيو، جنهن مان ائين لڳو ته هاڻ برف پگهرجڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته عمران خان کي طاهرالقادري واري انقلاب به مونجهاري جو شڪار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ذريعن کيس اها ڄاڻ به ڏني آهي ته طاهرالقادري کي جيڪي قوتون ميدان تي لاهي چڪيون آهن اهي جيڪڏهن واقعي ملڪ ۾ ڪا تبديلي آڻڻ گهرن ٿيون ته پوءِ سندس سونامي هاءِ جيڪ ٿي سگهي ٿو، ان ڪري لانگ مارچ وارو رسڪ کڻڻ سان کيس ئي نقصان پوڻ جا وڌيڪ امڪان آهن. ان ڪري چڱائي انهي ۾ آهي ته لانگ مارچ واري پروگرام کي ملتوي ڪيو وڃي، جڏهن ته سگهارن قوتن به پيدا ٿيل انهي ڳنڀير صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پنهنجيون ٽياڪڙي واريون جيڪي ڪوششون شروع ڪيون هيون، تن به رنگ لاتو آهي ۽ هاڻ عمران خان لاءِ چيو پيو وڃي ته اهو لانگ مارچ ته ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪو آهي پر رڳو هاڻ ايترو چاهي ٿو ته ڪو اهڙو گهٽ گهيڙ ڳوليو وڃي ته جيئن لانگ مارچ ڪرڻ واري اعلان تان هٿ کڻڻ کانپوءِ سندس سياسي ساک کي ڪو نقصان نه پهچي. عمران خان اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين بابت جاچ ڪرڻ لاءِ جوڙيل اليڪشن ٽربيونلن تي اهو چئي بي اعتمادي ڪري چڪو آهي ته انهن ٽربيونلن جي ڪارروائي واري رفتار ايتري سست آهي جو اهي موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تائين به پنهنجا فيصلا ڏيئي نه سگهندا ۽ ن ليگ پاران ڪيل ڌانڌليون ان کي سدائين لاءِ ڦٻي وينديون. عمران خان ڌانڌلين وارن الزامن جي ثابتي لاءِ چئن تڪن جو حوالو ڏيندو رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته انهن چئن تڪن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي چڪاس ڪئي وڃي ته پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ڪيڏي نه وڏي پيماني تي ملڪ ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن. بهرحال هاڻ حڪومت ۽ عمران خان وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندڙ ڌرين عمران خان کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو آهي ته انهن چئن تڪن جي جاچ عدالت پاران ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن پارلياماني ڪاميٽي پاران ڪرائي وڃي ته کيس ان لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هاڻ اهو به طئي ٿيو آهي ته قومي اسيمبلي جي پارلياماني ڪاميٽي جنهن ۾ سڀني پارٽين جا ميمبر شامل هوندا تنهن ڪاميٽي آڏو عمران خان شڪي ڄاڻايل چئن تڪن ۾ ٿيل ڌانڌلين جا ثبوت پارلياماني ڪاميٽي آڏو پيش ڪندو، جڏهن ته نواز ليگ به چئن تڪن ۾ ٿيل ڌانڌلي وارا ثبوت پيش ڪندي، جنهن کانپوءِ پارلياماني ڪاميٽي جيڪو به فيصلو ڪندي اهو ٻنهي پارٽين کي قبول ڪرڻو پوندو، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن واقعي عمران خان پارلياماني ڪاميٽي ذريعي جاچ ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي ته پوءِ اها ڳالهه جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ آهي ۽ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ پاران ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ مان اهو ثابت ٿيندو ته پاڪستان ۾ هاڻ سياست، انتقام، نه کپي نه کپي، ۽ نه راند ڪنداسين ۽ نه ڪرڻ ڏينداسين واري فضول سوچ کان ٻاهر نڪري رهي آهي ۽ اسان جي ملڪ جا سياستدان هاڻ صبر، تحمل ۽ بردبار سياست ڪرڻ ۽ ملڪي مفادن کي آڏو رکي پنهنجا فيصلا ڪرڻ لڳا آهن، اسان عمران خان پاران ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ تي سرهائي ڏيکاريندي دعا ٿا ڪريون ته اهي ڳالهيون خير خوبي سان پڄاڻي تي پهچن ۽ عمران خان پنهنجي لانگ مارچ واري ا علان کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪري قوم ۾ پيدا ٿيل ذهني ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ته جيئن جمهوري سفر جاري رهي ۽ حڪومت به پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري سگهي. اسان جا تجزيا نگار ان ڳالهه تي پنهنجو تجزيو اهو ڏئي رهيا آهن ته انقلاب ۽ سونامي ڪا اڪ جي ماکي نه آهي جو جنهن جي مرضي لاهي ڇڏي. انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ شايد اهو سوچي رهيا آهن ته نعرا هڻڻ سان ۽ 500 ماڻهو گڏ ڪرڻ سان انقلاب اچي ويندو، ها اسان کي عمران خان جي هر ان سونامي جي خبر آهي ته هو ڪيترا وڏا سونامي آڻي چڪو آهي. طاهر القادري جو ساٿ حاصل ڪري عمران خان ڪجهه وڌيڪ خوش ٿي رهيو آهي
علامه قادري جيڪو سياست جي ميدان ۾ پوئين صفن ۾ بيهڻ جي ڪوشس ڪري اڳئين صفن ۾ اچڻ جي لاءِ رڌل هو ان کي تنهن لاءِ وڏو وقت گھربل هو پر حڪومت لاهور واقعي واري غلطي کان پوءِ سندس جھاز کي اسلام آباد لينڊنگ نه ڪرائڻ واري فيصلي به قادري کي عالمي ميڊيا تي اڀاري آئي ، اِها ته قادري جي سياسي سوچ جي ڪمزوري هئي جو هو 5 ڪلاڪ کان مٿي جھاز ۾ ويهڻ ۽ هيٺ نه لهڻ واري احتجاج کان پوءِ گورنر پنجاب جي اچڻ تي لاهور ۾ ئي جھاز مان لهڻ تي تيار ٿي ويو اهڙي طرح حڪومت جي مٿي جي سور کي هن هلڪو ڪري ورتو ۽ سندس انقلاب انهيءَ ڏينهن ئي هوا ۾ اڏري ويو ، هاڻي کڻي هو ڪيتري به انقلاب جي ڳالھه ڪري پر تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته انقلاب قادري جي وس جي ڳالھه ناهي ، هاڻ ته حڪومت به قادري جي سياسي ڪمزوري کي سمجھي ڇڏيو آهي تنهن ڪري سندن مٿي جو سور ختم ٿيندو پيو وڃي باقي قادري جي پٺڀرائي ڪرڻ واريون سگھاريون قوتون جڏهن چاهينديون تڏهن وري تماشو لڳائڻ لاءِ قادري کان نئين تاريخ جو اعلان ڪرائينديون اها الڳ ڳالھه هوندي ته حڪومت سندس تماشي سان ڪهڙي نموني منهن ڏيندي جي وري به ڪا لاهور واقعي جھيڙي غلطي ورجائي وئي ته حڪومت پنهنجي لاءِ مصيبتن کي پاڻ آڻڻ وارو ڪم ڪندي ، حڪومت جي لاءِ اهو مسئلو آهي ته عمران خان سان سختي سان پيش به نٿا اچي سگھن جيڪڏهن حڪومت اهڙو عمل ڪيو ته پوءِ کين هر حال ۾ گھر ڀيڙو ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه سگھي اهو ان ڪري به ته عمران خان هڪ خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي اها ايجنڊا آهي ئي حڪومت جو خاتمو سندس چوڻ موجب ان لاءِ کين خيبر پختون جي حڪومت ڇڏڻي پوي يا اسيمبلي کي ٽوڙڻو پوي ۽ سمورين اسيمبلين تان استيعفيٰ ڏيڻي پوي ته هو اهوڪم به ڪري وٺندا ، سندس هاڻي مطالبا چئن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ کان وڌي مٿڀرو ٿي حڪومت جي خاتمي تي دنگ ڪيو آهي، انهيءَ سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي پوزيشن جمھوريت جي دفاع واري رهندي ان سلسلي ۾ نوازليگ جي حڪومت کي بچائڻ ۾ اهم ۽ نتيجاخيز ڪردار ادا ڪندي. پي پي وارا چاهين ٿا ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري ، سندن اهڙي پاليسي نوازليگ تي حاوي رهندي تنهن ڪري حڪومت جڏهن سوڙهي گھٽيءِ ۾ اچي ڦاسندي ته کين پي پي کان مدد وٺڻ جي ضرورت پوندي ۽پي پي سندن کلي عام مدد ڪندا. ٿي سگھي ٿوپي پي کي جمھوريت جي بقاءَ لاءِ دفاع جي اهم مورچي تي اهم ڪردار نڀائڻو پئجي وڃي،
وزيرِآعظم نوازشريف پاران عمران خان جي عيادت کان وٺي گڏجي آءِ ڊي پيز جي سار سنڀال لاءِ بنو جي دوري جي دعوت تائين مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش آهي پر عمران خان جيڪو هر حال ۾ (اڄ وزيرِآعظم جي ڪرسي تي ويهان ۽ سڀاڻي ٻيو ڏينهن ٿئي ) واري سوچ رکي صرف حڪومت ڊاهيو واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، کيس اِها خبر هجي ته نواز ليگ کي به لکين ڪارڪن آهن جيڪي به طاقت جو مظاهرو ڏيکارڻ لاءِ ميدان تي آڻي سگھجن ٿا ، قائدِ حذبِ اختلاف سيد خورشيد شاھه جي چوڻي موجب ته جلسن، جلوسن ۽ ڌرڻن سان حڪومت نٿي ڪيرائي سگھجي سندس اهڙي بيان مان صاف ظاهر آهي ته پي پي وارا حڪومت کي پير جھلي 5 سال پورا ڪرڻ وارو حوصلو ڏئي رهيا آهن ۽ جمهوريت جو ڀرپور دفاع ڪري رهيا آهن . عمران خان کي گهرجي ته خيبر پختون خواه جي عوام جي لاءِ ڪجهه ڪم ڪري، سياتي ويڙهه ڇڏي، ملڪ اندر امن ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري. هاڻي ڏسجي ته عمران خان پنهنجي سونامي جو نارو هڻندو يا وري حڪومت پنهنجي ڳالهين ۾ عمران خان جي هر ڳالهه کي مڃي ان کان 14 آگسٽ وارو فيصلو واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button